24 آچر , جون 2018

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ آڪسائيڊ  آهي جنهن جو خارج گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ جرمني  ۾ هڪ گهٽ خرچ پلانٽ  لڳائي ڇڏيو  جيڪو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ  جذب ڪري ان کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ ڪيترائي سال اڳ  ڊائريڪٽ ايئر ڪيچر ( ڊي اي سي ) ٽيڪنالا  تي ڪيترائي پلانٽ  ۽ ري ايڪٽر ٺاهيا ويا  جيڪو ڪاربان ڊا ءِ آڪسائيڊ  کي پٿرن ۾ تبديل ڪن ٿا پوءِ ڪنهن ٻئي ضروري  شين ۾ وجهن ٿا   جيڪو ڪاربان  داءِ آڪسائيڊ  کي پٿرن ۾ تبديل  ڪن ٿا يا پوءِ  ڪنهن  ٻئي غير ضروري جزن ۾ وجهون ٿا پر ان تي خرچ  تمام اچي ٿو  ۽ هڪ ميٽرڪ ٽن ڪاربان داءِ آڪسائيڊ  کي تعديل  ڪرڻ تي 500 کان 1000 دالر خرچ اچي ٿو  پر هاڻي هڪ نئون پائليٽ پلانٽ ٺاهيو ويو آهي جيڪو رڳو 94 کان 232 ڊالر  في ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ  کي تلف ڪري سگهي ٿو ،هن هارورڊ  يونورسٽي  جي سائنسدانن  تيار ڪيو آهي ان تي ڪم ڪندڙ  انجنيئر ڊيوڊ  ڪائٿ چوي ٿو  ته هوا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ  شامل ڪرڻ تمام سولي آهي  جڏهن ته ان کي ختم ڪرڻ تمام گهڻو مهانگو نسخو آهي .  ۽ اسان 9 سالن  جي مسلسل  محنت کانپوءِ اها ٽيڪنالاجي  تيار ڪئي آهي ان جي آزمائشي  پلانٽ هڪ فيڪٽري جي ڪولنگ ٽاور جهڙو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون  ڪيون ويون آهن .هن تصور کي هوا مان ٻارڻ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ پڪڙجندڙ ڪاربان  داءِ آڪسائييڊ  کي مائع  هائيڊرو ڪاربنز  ۾ به تبديل  ڪري استعمال ڪري سگهجي ٿو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ لوڻ جو استعمال آنڊن جي فائديمند بيڪٽريا لاءِ هاڃيڪار قرار

برلن( ويب ڊيسڪ) هڪ نئين جاچ مان انڪشاف ٿيو آهي ته لوڻ جو وڌيڪ استعمال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے