19 آچر , آگسٽ 2018

وڌيڪ لوڻ جو استعمال آنڊن جي فائديمند بيڪٽريا لاءِ هاڃيڪار قرار

برلن( ويب ڊيسڪ) هڪ نئين جاچ مان انڪشاف ٿيو آهي ته لوڻ جو وڌيڪ استعمال معدي ۽ آنڊن  ۾ ٿيندڙ انسان دوست  بيڪٽريا  کي سخت نقصان پهچائي ٿو . ۽ ان  جي متاثر ٿيندڙ هاءِ بلڊ پريشر  جو عارضو ٿي سگهي ٿو . جيڪڏهن لوڻ ۽ بلڊ پريشر  وچ ۾ گهرو تعلي  پهريان  دريافت ٿي چڪو آهي  پر  لوڻ جي  معدي  جي بيڪٽريا کي تباهه ڪرڻ جو سبب  پهريون ڀيرو  سامهون  آيو آهي .ان کانسواءِ  لوڻ  سان ڀرپور  غذائون کائڻ  سان پاڻمرادو  امنياتي  مرض  به پيدا  ٿي سگهن  ٿا  جن ۾  ملٽي  پل اسڪليروسس تمام گهڻو نمايا آهي . اها تحقيق  جرمني ۾ قائم ميڪس  ڊيلبروڪ  سينٽر فار ماليڪيولر  ميڊيسن  ۾ ٿي  آهي . ماهرن ٻڌايو ته  ڏهي ،پنير ۽ ٻين خمير وارين   غذائن ۾ خاص قسم جي بيڪٽريا  ليڪٽو بيسي  لس ملي ٿو  جيڪو اسان کي ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي ٿو.ليڪٽو بيسي  لس  آنڊن ۾ به  ملي ٿو ۽ ان جي خاتمي  سان بلڊ پريشر  وڌ ٿو  جنهن سان  دل جي بيمارين سميت  ڪيتريون بيمارين جو خطرو وڌي  وڃي ٿو .ڪوئن تي ٿيل تحقيق  ۾ ڏٺو ويو ته جڏهن انهن کي وڌيڪ لوڻ واريون غذائون ڏنيون  ويون  ان ۾ ليڪٽو بيسي لس ختم ٿيڻ لڳي جنهن سان بلڊ پريشر  وڌڻ لڳو . جنهن  سان جسم ۾ سوڄ   ۾ واڌ ٿي .ان سان ڪوئن کي دماغ  جو مرض به ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Malaria and Lishmanina took over the Wakai Sarkas in South Waziristan

ڏکڻ وزيرستان ۾ مليريا ۽ ليشمنينا وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي

ٽانڪ(ويبڊ يسڪ)ڏکڻ وزيرستان ۾ مڇرن جي پيداوار ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ سبب  ليشمينا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے