21 اڱارو , آگسٽ 2018

گوادر: دهشتگردن بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي وزير جو گهر ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

گوادر(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي فشريز واري صوبائي وزير ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (عوامي) جي اڳواڻ مير اصغر رند جي گهر کي ڌماڪي سان اڏائي تباهه ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي  (مينگل) جي اڳواڻ تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو پر هو پاڻ محفوظ رهيو. سرڪاري اختيارين موجب اڻڄاتل ماڻهن مند جي علائقي گومزئي ۾ مير اصغر خان جي گهر جي ڀرسان ڌماڪيدار مادو لڳايو ۽ ڌماڪي سان گهر کي اڏائي ڇڏيو. ان ضمن ۾ ليويز اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي وقت گه ر۾ ڪو به موجود نه هو جنهن جي ڪري ڪنهن جي زخمي يا مارجي وڃڻ جا اطلاع ناهن پر گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. ڄاڻايل ڌماڪي ۾ اصغر رند جي ڀاءَ جي گهر کي به معمولي نقصان رسيو جيڪو ان علائقي ۾ قائم آهي. ٻئي پاسي تربت ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي اڳواڻ مير همل بلوچ جي قافلي تي رستي ۾ هٿياربندن فائرنگ جو نشانو بڻايو، حملي وقت هو سرڪن ۽ مير آباد جي وچ ۾ سفر ڪري رهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے