24 سومر , سيپٽمبر 2018

سيوريج جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ تي ڊي ايڇ اي تي ڪاوڙ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) واٽر ڪميشن جي سربراهه  سيوريج  جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي  ڊفينس  هائوسنگ اٿارٽي  عملدارن  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  چيو ته ٽريٽ مينٽ پلانٽس  لڳائي  ان مسئلي  کي حل ڪيو وڃي . تفصيلن موجب پاڻي فراهمي  ۽ نيڪالي بابت  ڪميشن جي ٻڌڻي  دوران انڪشاف ٿيو ته  ڪورنگي  ۽ صنعتي  علائقن  جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پوي وڃي . جنهن سان سامونڊي آلودگي ۾ تمام گهڻو اصافو ٿي رهيو آهي .  واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي  دوران ڊي ايڇ اي جي سيڪريٽري چيو ته  واٽر تريٽ مينٽ  پلانٽ  تي  ڪم جاري آهي  . آگسٽ 2019 ۾ نصب ڪيو ويندو  . ڪميشن جي سربراهه  چيو ته ٽريٽمينٽ  پلانٽ ايترو وڏو ناهي جو آگسٽ 2019 جو وقت گهريو وڃي .  سيڪريٽري ڊي ايڇ اي  چيو ته فيز 6 ۾ ڪوشش ڪنداسين ته  چئن مهينن ۾ پلانٽ  نصب ڪري ڇڏيون. ڪميشن جي سربراهه حڪم ڏنو ته  ٽريٽمينٽ  پلانٽس  جلد لڳايا ويندا  ڇاڪاڻ ته پاڻي  سمنڊ  ۾ نه وڃي  . ڪميشن جي فوڪل پرسن  چيو ته پلانت ترتيب ڪري وٺون ٿا  ته ڪهڙي فيز جو پاڻي ڪنهن پلانٽ  ۾ وڃي .  ڊي ايڇ اي  جي رهائشين کي پاڻي جي فراهمي  کي اوهان  ڇو بهتر نه ٿا ڪريو . واٽر ڪميشن ڊي ايڇ اي  کي سهولتون فراهم ڪرڻ تائين وڌيڪ تعميراتي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے