19 اربع , سيپٽمبر 2018

عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن 2018 لاءِ  نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو آخري ڏينهن  ۽ حاصل ڪرڻ جو به آخري ڏهاڙو آهي . ياد رهي ته ان کان اڳ نامزدگي ڪاغذ  جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 8  جون ه.ي  پر اليڪشن ڪميشن سياسي  جماعتن جي سهولت   کي نظر ۾ رکندي  ان ۾ 3 ڏينهن 11 جون تائين واڌ ڪئي هئي . اليڪشن ڪميشن جي شيڊوول موجب نامزدگي ڪاغذ  جي جاچ پڙتال 19 جون تائين  هوندي . رٽرننگ آفيسرن جي فيصلي تي اعتراضن  لاءِ اپيلون 22 جون تائين داخل ڪري سگهندا  ۽ 27 جون  تائين اپيلن تي  فيصلا ٻڌايا  ويندا .   شيڊول موجب  اميدوار  جي نظرثاني فهرست 28 جون تي جاري ٿيندي . اميدوار 29 جون تي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا  ۽ 29 جون  تي ئي  اميدوار جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي  .30 جون تي اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويندا . ياد رهي ته 25 جولائي تي عام چونڊن لاءِ  پولنگ 25 جولاءِ تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے