22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

زلفي بخاري کي عمري تي وڃڻ جي اجازت ملي وئي، عمران خان سان گڏ روانو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي ويجهي دوست زلفي بخاري کي عمري تي وڃڻ جي اجازت ملي وئي جنهن بعد هو پي ٽي آءِ جي چيئرمين سان گڏ سعودي عرب روانو ٿي ويو. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب زلفي بخاري کي چارٽرڊ جهاز ذريعي عمران خان ۽ سندس گهرواري سان گڏ عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب روانو ٿيڻو هو پر ايف آءِ اي اختيارين کيس نالو اي سي ايل ۾ هئڻ جي ڪري ڇڏيو. زلفي بخاري کي عمران خان سان گڏ هڪ وڳي نور خان ايئربيس تان روانو ٿيڻو هو. ذريعن موجب سعودي عرب وڃڻ کان روڪڻ بعد زلفي بخاري پنهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪافي منٿ ڪئي ۽ هو عمري تي وڃڻ جي اجازت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت زلفي بخاري کي عمري تي وڃڻ جي جازت ڏني آهي ۽ کيس اِها اجازت 6 ڏينهن جي لاءِ ڏني وئي آهي. ذريعن موجب نور خان ايئر بيس تان چارٽر جهاز 4 لڳي 12 منٽن تي روانو ٿيو ۽ زلفي بخاري، عمران خان ۽ سندس گهرواري کي عون چوڌري سان گڏ روانو ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Weather Department Today's heat-rising predecessors, the beach closed off

موسميات کاتي پاران اڄ کان ڪراچيءَ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي، سامونڊي هوائون بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ سامونڊي هوائن بند هئڻ سبب ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے