22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ٽرمپ ۽ ڪم جونگ جي سنگاپور جي وزير اعظم سان الڳ الڳ ملاقات

Separate meetings with Prime Minister of Trumpet and Singapore's Jiangsuسنگاپور(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سنگاپور جي وزير اعظم هسين لونگ سان ملاقات ۾ تاريخي سمٽ جي ميزباني تي ٿورا مڃيندي ٻي طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سنگاپور جي جزيري سينٽاسو ۾ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن جي وچ ۾ تاريخي ملاقات کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سنگاپور جي وزير اعظم لي هسين لونگ سان ملاقات ڪئي آهي. آمريڪي صدر سنگاپور جي وزير اعظم جي ميزباني جا ٿورا مڃيندي تاريخي ملاقات جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آمريڪا ۽ سنگاپور جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي آڻڻ لاءِ ضروري ڪوششن تي زور ڏنو. ان کان اڳ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪِم جونگ جي به سنگاپور جي وزير اعظم لي هسين لونگ سان ملاقات ڪئي ۽ تاريخي ملاقات جي ميزباني تي سنگاپور جي ڪردار جي تعريف ڪئي، ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ اُتر ڪوريا جي سربراهه جي وچ ۾ ٿيندڙ تاريخي ملاقات ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.  ان موقعي ته سنگاپور جي وزير اعظم ٻنهي اڳواڻن جي سنگاپور آمد تي ٿورا مڃيندي تاريخي ملاقات جي حوالي سان آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه کي هر قسم جي سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ جي وچ ۾ تاريخي ملاقات 12 جون تي سينٽاسو جزيري جي لگزري هوٽل ڪپيلا ۾ ٿيندي جنهن لاءِ آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جا سربراهه سنگاپور پهچي چڪا آهن. هن تاريخي ملاقات ۾ اتر ڪوريا کي جوهري هٿيارن کان پاڪ بڻائڻ ۽ ٻنهي مخالف ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششن تي غور ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے