23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: ٻن ڊاڪٽرياڻين  تي تشدد واري واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽرس جو  ڊيوٽي کان انڪار

Karachi: The doctor of the doctor who denies the violence against two true doctors on violence against two doctorsڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي سول اسپتال ۾  فوتي مريض جي وارثن  پاران ٻن ڊاڪٽرياڻين  تي تشدد واري واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽرس ڊيوٽي کان انڪار ڪري ڇڏيو.ڊاڪٽرن  پاران ڊيوٽي کان انڪار ڪرڻ بعد آيل ۽ وارڊن ۾ داخل مريضن کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻوپئجي ويو.ان موقعي تي  سول اسپتال جي ميڊيڪل يونٽ 5 جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ڇنڇر ۽ آچر واري رات ديرسان ميڊيڪل يونٽ 5 جي وارڊ ۾ راڻي نالي هڪ عورت کي داخل ڪيو ويو هو.هنن چيو تھ داخل ڪيل عورت جي حالت خراب هجڻ جو سندس وارثن کي ٻڌايو ۽ ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر اها عورت فوت ٿي وئي. سندن چوڻ هو تھ  عورت جي فوت ٿيڻ بعد سندس گڏ آيل ٻن ڄڻن ڊيوٽي تي موجود سينئر ڊاڪٽر مڌت ۽ ڊاڪٽر آرتي تي سخت تشدد ڪيو. هنن چيو تھ  ڊاڪٽرمڌت 9 مهينن جي اميد سان پڻ هئي ،کيس سخت مارڪٽ ڪئي وئي.ڊاڪٽرن چيو تھ  هنن سڄو مسئلو  انتظاميا کي ٻڌايو پر انتظاميھ گارڊ يا پوليس اهلڪار فراهم نھ ڪيو.ٻئي پاسي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر توفيق احمد احتجاج ڪندڙ ينگ ڊاڪٽرن کي گهرائي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جي مخالفت تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو ته ڀلي لڳي: اسفند يار ولي

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے