25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نئون ديرو: بلاول ڀٽو  زرداري اين اي 200 تي فارم ڀرائڻ لاءِ پهچي ويو

نئون ديرو(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءِ جو  چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري قافلي جي صورت ۾ اين اي 200 تي فارم جمح ڪرائڻ لاءِ آصفه ڀٽوزرداري سان گڏجي  قافلي جي صورت ۾ لاڙڪاڻي  پهتو .بلاول ڀٽو جو قافلو شگر  مل وٽ پھتو ته  ڪارڪنن پاران سنڌس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ گل نڇاور ڪيا ويا ۽ وزير اعظم بلاول ڀٽو جا نعرا ھنيا، بلاول سيشو ھيٺ ڪرڻ بجاءِ اتان ئي ھٿ لوڏي ڪارڪنن کي جواب ڏيندو رھيو پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري جي گذرڻ  جو ٻڌي صبح کان  شگر مل باءِ پاس تي ڳوٺاڻا پاڪ ڪتا کڻي ھڪ مھيني کان بجلي بند ھجڻ خلاف ويٺا رھيا .بلاول ڀٽو جيئن ئي پھتو ته پ پ ڪارڪنن کيس آجيان ڪري نعرا ھنيا  ان دوران ڳوٺ ڀرچونڊ جا ڳوٺاڻا به پاڪ ڪتاب کڻي سندس  گاڏي کي گھيري ويا. ڳوٺاڻن کي سيڪيورٽي وارون ڌڪا ڏنا پر ان جي باوجود ڳوٺاڻا بلاول جي گاڏي اڳيان ڊوڙندا رھيا پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏنا پر ڳوٺاڻن جي ھڪ به نه ٻڌي قافلو لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو. ڳوٺاڻا التجائون ڪندا رھيا ته سندن ڳوٺ جي بجلي ھڪ مھيني کان بند آھي پر شيشا بند ھجڻ ڪري بلاول ڳوٺاڻن جي ھڪ به نه ٻڌي سگھيو جنھن بعد ڳوٺاڻا مايوس ٿي وياڳوٺاڻن  سکر -لاڙڪاڻو روڊ بند ڪري پاڪ ڪتاب کڻي طارق جکرو،نويد، عجيب جکرو .مجاھد جکرو،حبيب جکرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج  ڪري سيپڪو خلاف سخت نعري بازي ڪئي ڳوٺاڻن چيو ته 50 ٽرانسفارمر آھي جيڪو لوڊ وڌيڪ ھجڻ ڪري سڙي وڃي ٿو. هنن چيو ته  50  50 ھزار روپيه ٺھرائڻ تي خرچ اچي ٿو پاڻ ۾ ڳوٺاڻا چندو ڪري ٺھرايون ٿا چندا ڪري ٿڪجي پياآھيون پ پ جي مقامي اڳواڻن آسرو ڏنو ته 100 وارو ٽرانسفامر وٺي ٿا ڏيون پر  واعدو وفا نه ٿيو ..هنن چيو ته گرمي ۾ عورتون،ٻارڙا پريشان آھن بيمارين گھيرو ڪيو آھي جنھن ڪري تنگ ٿي بلاول آڏواحتجاج ڪيو پر ھن ھڪ نه ٻڌي جنھن ڪري هاڻي  پ پ کي ووٽ نه ڏنو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے