21 اڱارو , آگسٽ 2018

اداڪاري جنون آهي، سدائين پنهنجي ڪردار سان انصاف ڪيو آهي: عظميٰ حسن

There is a genocide, always has justice with your character: Azimi Hassanلاهور(شوبز نيوز) لاليووڊ اداڪارا ۽ ماڊل عظميٰ حسن چيو آهي ته اداڪاري منهنجو جنون آهي، انڪري سدائين پنهنجي ڪردارن سان انصاف ڪندي آهيان. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي اداڪارا عظميٰ حسن چيو ته سندس واسطو ٽي وي ۽ ٿيٽر سان آهي، هو ٽي وي ۽ ٿيٽر تي تمام گهڻو ڪم ڪري چڪي آهي ۽ ڪڏهن سوچو به نه هو ته ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪندس، ايترو ئي نه پر اهو به ڪڏهن خيال نه هو هڪ کيس سپر اسٽار اداڪارا شان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. اها منهنجي خوش قسمتي آهي جو ارٿ ٽو اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ  رابطو ڪيو ويو. عظميٰ حسن چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران تمام گهڻي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، ڇو ته فلم ۽ ٽي وي، ٿيٽر ۾ وڏو فرق هوندو آهي، شان وڏي رهنمائي ڪئي اهو ئي سبب جو سٺو ڪم ڪري سگهيس. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿي. اداڪارا چيو ته ٽي وي، ٿيٽر ۽ فلم جي شعبن ۾ ڪم ڪندي رهنديس، ان کان سواءِ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ پڻ قمست آزمائينديس. ان جو وڏو سبب شان ئي آهي جو هن جي ڪم ڪرڻ جي انداز تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. کيس ڏسي هن کي ائين محسوس ٿيندو آهي ان شهبي سان سالهاڙيل هڪ فنڪار کي سمورين ٽيڪنيڪي ڪم اچڻ گهرجي، ته جيئن هو بهتر انداز ۾ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ عظميٰ حسن چيو ته هو ڀارت ۾ ٿيٽر ۾ پرفارم ڪري چڪي آهي، جيستائين ڳالهه ايندڙ منصوباندي جي آهي ته مان سلور اسڪرين تي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي پر اهڙو ڪو به ڪم نه ڪنديس جيڪو بدنامي جو ڪارڻ بڻجي، اداڪاري منهنجو جنون آهي، انڪري سدائين پنهنجن ڪردارن سان انصاف ڪندي آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

As much as I had heard from Pakistan, the triangle of readily evident statements

پاڪستان جي حوالي سان مان جيترو ٻڌو هو…! پڙهو ايوا بيانڪا جون ڇرڪائيندڙ ڳاليهون

ڪراچي(شوبزنيوز) ايوا بيانڪ جو تعلق پولينڊ سان آهي، پر سندس رهائش لنڊن ۾ آهي، هو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے