24 سومر , سيپٽمبر 2018

ايف آءِ اي زلفي بخاري کي سعودي عرب وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي عمران خان جي ويجهي دوست زلفي بخاريءَ کي سعودي عرب وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. عمران خان پنهنجي ويجهي دوست زلفي بخاري سان گڏ چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي سعودي عرب عمري جي ادائيگي لاءِ وڃي رهيو هو ته ايف آءِ اي اختيارين کيس نور خان ايئر بيس تي روڪي ڇڏيو.ايف آءِ اي ذريعن موجب زلفي بخاري کي سعودي عرب وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جي لکت ۾ اجازت ملڻ تائين زلفي بخاري کي وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي جڏهن ته عمران خان چاهي ته پرڏيهه وڃي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے