19 اربع , سيپٽمبر 2018

طيبا تشدد ڪيس: جوابدارن جي سزا ۾ 2 سال اضافو، عدالتي ڪمري مان گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طيبا تشدد ڪيس ۾ وفاق جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي جوابدارن اڳوڻي جج راجا خرم ۽ سندس گهر واري جي سزا هڪ سال مان وڌائي 3 سال ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدارن کي به ڏنڊ 50 هزار بدران اڍائي لک رپيه ادا ڪرڻو پوندو. سپريم ڪورٽ طيبا تشدد ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي جوابدارن جي اپيلن تي هڪ هفتي ۾ فيصلي جو حڪم ڏنو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بئنچ ڪيس جو ٽرائل ڪيو هو ۽ جوابدارن ايڊيشنل جج راجا خرم علي ۽ گهر واري کي هڪ هڪ سال قيد ۽ 50 هزار رپيه في ماڻهو ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻه رڪني بئنچ سامهون انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي جنهن ۾ فيصلي کي رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزن بئنچ درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪندي وفاق جي اپيل منظور ڪري ورتي. عدالتي بئنچ فيصلي ۾ جوابدارن راجا خرم ۽ سندس گهر واري جي سزا ۾ 2، 2 سال جو اضافو ڪري ڇڏيو جنهن بعد هاڻي سزا 3 سال هوندي جڏهن ته ڏنڊ  به 50 هزار کان اڍائي لک رپيه في ماڻهو ڪئي وئي آهي. عدالتي فيصلي کانپوءِ جوابدارن اڳوڻي جج راجا خرم ۽ سندس گهر واريءَ کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے