22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

توهين عدالت ڪيس: احسن اقبال جي بيان جي وڊيو پيش ڪرڻ جي هدايت

الاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته توهان جي مٿي تي جج ڇو سوار  رهندا آهن، ايتري جرئت ناهي ته ٻڌايو سازش ڪير ڪري رهيو آهي، توهان ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي. جسٽس مظاهر علي نقوي جي سربراهيءَ ۾ بئنچ احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو گهرو وزير احسن اقبال پنهنجي وڪيل سميت عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالتي حڪم باوجود احسن اقبال جي وڪيل وڊيو جي اصل سي ڊي پيش نه ڪئي. هن چيو ته مان گهڻي ڪوشش ڪئي پر وڊيو نه ملي. جسٽس مظاهر علي چيو ته اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته احسن اقبال ڇا چيو آهي؟ وڊيو مان ئي خبر پوندي ته ڪيس ٺهي به ٿو يا نه ؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيمرا اختياريون ٻڌائين وٽن وڊيو ڪلپ آهي؟ پيمرا جي اختيارين چيو ته اسان وٽ احسن اقبال واري ڪلپ ناهي. جسٽس مظاهر علي چيو ته وڏي ۽ ننڍي ميان صاحب چئي ڇڏيو آهي ته بجلي جا ذميوار نه آهن، پهريون چوندا هئا ته وڏي مقدار ۾ بجلي ڏني آهي، جيئن وڻي تيئن لائٽس ٻاريو، ٻڌايو وڃي ته ڪنهن جو بيان هو، عدالت چيو ته پيمرا جو وڪيل وڊيو ڪلپ آڻي سگهي ٿو؟  جسٽس مظاهر علي چيو ته توهان جي سر تي جج ڇو سوار آهن، ايتري جرئت ناهي جو ٻڌايو سازش ڪير ڪري رهيو آهي، توهان ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ احسن اقبال چيو ته توهان جا بيان معزز عدالت جي اختيار ۾ نه ٿا اچن، اهڙا سوال مخالف ڌر کي پڇڻ جو اختيار آهي، اڳتي منهن جو ڪو به ٽوئيٽ جج بابت نه هوندو.  هن چيو ته اهو ڪيس اليڪشن مهم ۾ بحث هيٺ آهي، جسٽس مظاهر علي چيو ته توهان کي چونڊ مهم هلائڻ کان نه روڪي رهيا آهيون؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي سڀاڻي آمريڪا جي دوري تي روانو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے