21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڏکڻ سنڌ ۽ ڪالاباغ ڊيم جا شوشا آخر ھي سڀ ڇا آھي 

عبدالمجيد بروهي

ھرطرف کان سنڌ جي پرامن صوفين ۽ اوليائن جي سرزمين تي ھڪـ منظم طريقي سان ھڪ گروھ پاران وار ڪيا پيا وڃن جنھن سان  سنڌ جا ماڻھو پورھيت امن پسند صوفي ازم جا پيروڪار آھن ھتان جي ماڻھن ڪنھن به  صورت ۾ ٻين صوبن عوام جي خلاف سازش ناھي ڪئي ڪڏھن به  ٻين صوبن جي عوام جا حق غضب ناھن ڪيا ڪڏنھن به  ٻين صوبن جي عوام سان نفرت ناھي ڪيو هميشه سڀني سان برابري وارو رويو رکندڙ سنڌ جي رھواسين سان ٻين ـصوبن  صوبن جي عوام پاران ساڳيو برتاءُ ناھي رکيو ويو، ٻين صوبن جي ماڻھن جو ايڏو ڏک ناھي ڏک انھن جو آھي جن کي سنڌ جي ماڻھن جي ۾جاءِ ڏني.  اڄ اھي ساڳيا ماڻھو پنھنجي محسنن سان غداري ڪري رھيا آھن، اھي ماڻھو جيڪي اڄ ڏکڻ سنڌ مطالبو ڪري رھيا آھن، اھي احسان فراموش انھن ڏينھن کي ياد ڪن جڏهن کين ھندستان مان تڙي کين مارڪٽ ڪري ٻاھر ڪڍيو ھيو. ان وقت سندن معصوم ٻچڙن کي بي يارومددگار ڏسي پاڪستان جي ٻين صوبن جي ماڻھن کي سندن مٿان رحم نه  آيو، ان وقت واھگا بارڊر ذررعي ھجرت ڪري ايندڙن کي جڏهن انھن لاھور ۾ خيما کوڙيا ھيا ته  ان وقت اتان جي رھواسين کين رھائڻ کان صاف انڪار ڪيو ھيو جنھن بعد انھن اھو چيو ويو پاڪستان اڃا اڳتي آھي جن کي ان وقت اتان اٿاري ھزارين ڪلوميٽر پنڌ ڪرائي سنڌ جي شھر ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شھرن ڏانھن موڪليو ويو ان وقت سنڌ جي انسان دوست صوفين جي پيروڪارن اوليائن جي چاھيندڙن دل کولي سندن آڌر ڀاء ڪيو ھيو ايتري قدر جو پنھنجيون ملڪيتون پنھنجا گھر ۽ زمينون ڏئي پنھنجو ڀاءُ ڪري پنھنجن گھرن پنھنجي جيءَ ۾ جاءِ  ڏئي کين پاڻ سان رھايو ھيو انھن ڏينھن ۾ انھن اھو نه  سوچيو ھيو ته اھي اڳتي ھلي سندن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جي سازش ڪندا اڄ جيڪي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائي جنوبي سنڌ صوبي جو مطالبو ڪري رھيا آھن اھي اھو ياد رکن ته  اھي پاڪستان ته  ڇا پر سنڌ جا به  رھواسي ناھن اڄ تائين اھي پاڻ کي سنڌي تسليم نٿا ڪن اھي اڄ تائين مھاجر آھن ۽ مھاجر پناھگير ھوندا آھن ۽ مھاجرن جو ڪوبه   وطن ناھي ھوندو، اھي صوفين جي ھن سرزمين پرامن سنڌ جي عوام کي امن سان رھڻ ڏين ياته  اھي سنڌي ٿي رھن يا ھتا ھليا وڃن ۽ ھندستان ۾ وڃي نئين صوبي جو مطالبو ڪن جتي سندن حق به  آھي، باقي ھتي اھي پناھ گير آھن پناھگيرن کي نئين صوبي جو مطالبو نه  ڪرڻ گھرجي ھي جيڪي ڳالھيون ڪن پيا ته  سائين جيڪڏهن پنجاب ۾ ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ سڀ راضي آھن ته  پوءِ اسان تي اعتراض ڇو انھن کي صرف ايترو چوندس ته  ڏکڻ پنجاب صوبي جو مطالبو ڪندڙ اصل پنجاب ۽ پاڪستان جا رھواسي پاڪستاني آھن اھي پناھگير ناھن اھي نئين صوبي جو مطالبو ڪن ٿا ته  انھن جو حق آھي باقي پناھگيرن کي اھڙو مطالبو نه  ڪرڻ گھرجي، آخر اليڪشن ويجھو ايندي ئي سنڌ مخالف نعرا ۽ سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڇو ۽ ڪنھن جي چوڻ تي ڪيا پيا وڃن سنڌ جا رھواسي پاڪستان سان پيار ڪندڙ محب وطن پاڪستاني آھن پوءِ آخر سندن حقن تي ڌاڙا ڇو پيا ھنيا وڃن پوري پاڪستان ۾ ھن وقت پاڻي کوٽ آھي  شديد کوٽ جي باوجود پنجاب پاران سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ جي حصي جو پاڻي سرعام چورايو پيو وڃي ان تي تمام ڌرين جي خاموشي سمجھه کان ٻاھر آھي

ھن وقت پاڪستان اندر اليڪشن جو تياريون زور شور سان جاري  آھن ھر طرف کان سياسي رانديگر پنھنجي پنھنجي راند کيڏڻ ۽ کٽڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ آھن ھن وقت سوشل ميڊيا سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سپريم ڪورٽ اندر ھڪ اھڙي اشو کي کنيو ويو آھي جنھن سان ھن ملڪ جي سالميت کي خطرو لاحق ٿي سگھي ٿو ھن وقت ڪجهه  سياسي يتيم ان مئل گھوڙي کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن جنھن کي پاڪستان جي ٽن صوبن جي ٽن اسيمبلين جن ۾ سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي شامل آھن انھن پاران ان مئل گھوڙي ڪالاباغ ڊيم کي هميشه جي لاءِ رد ڪري دفن ڪيو ھيو، ان کي اھي مفاد پرست سياست دان صرف پنھنجي سياست چمڪائڻ ۽ ايندڙ اليڪشنز ۾ پنجاب جي عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺڻ آھي.

تازو ن ليگ جي صدر شھباز شريف صاحب ھڪ ڪريل بيان ڏنو آھي ته  جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان جي عوام اسان کي کٽرايو ته  اسين اقتدار ۾ اچي ڪالاباغ ٺاھينداسين، شھباز شريف کي اھو سوچڻ گھرجي ته  ھو اھڙا بيان ڏئي ڪري  پاڪستان جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙھائي رھيو آھي جڏهن پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، خشڪ سالي آھي برسات نٿي پوي جنھن سبب ڊيم ڀرجي ناھن سگھيا ته  پوءِ نون ڊيمن جي ڪھڙي ضرورت آھي پاڻي ضايع ٿيڻ واريون ڳالھيون ڪندڙ ڇا اسان کي بيوقوف سمجھن ٿا. جيڪڏهن بارش پوي ٿو ته  پوءِ بارش جو اھو پاڻي ٿربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم سميت ملڪ ۾ موجود ٻين وڏن وڏن ڊيمن ۾ جمع ڇو نٿو ڪيو وڃي  ھڪ طرف ملڪ ۾ موجود وڏين ڊيمن جي خالي ھجڻ جون  ڳالھيون ڪيون پيون وڃن ته  وري اھو پڻ چيو پيو وڃي ته  پاڻي ذخيرا ڪرڻ جا وسيلا نه  ھجڻ جي ڪري بارش جو پاڻي ضايع ٿي رھيو آھي جنھن سبب خشڪ سالي جو خدشو آھي انھن کي اھو وسارڻ نه  گھرجي ته   تربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم ۾ جيڪڏهن پاڻي ذخيرو ڪيل ھجي ھا ته  ملڪ ۾ پاڻي کوٽ نه  ٿئي ھا يا ته  اھي عنصر ڪوڙي پروپيگنڊا ھلائي ڪالاباغ ڊيم جي ٺاھڻ جي لاءِ راھ ھموار ڪري رھيا آھن يا اھي سنڌ جي حصي جو پاڻي ھڙپ ڪرڻ چاھين ٿا ،

جيڪڏهن برساتن جو پاڻي تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ ذخيرو ڪري ته  ڏسو ڀري انھن کي نٿا سگھو، ھليا آھيو ٻيو ڊيم ٺاھن. آخر ھي اھو ڇو وساري ويٺا آھن جو وساري ويٺا آھن ته  سنڌ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جو عوام ڪالاباغ ڊيم کي ڪنھن به  صورت ۾ ٺاھڻ نه  ڏيندو ڇو ته  جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺھيو ته  ان جو فائدو صرف پنجاب کي ٿيندو، ناقي ٻين صوبن کي ڪالاباغ ٺھڻ سان تباھ ۽ برباد ٿيڻو پوندو. ڪي پي ڪي وارن کي ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ سان ٻڏي ويندو، سمورو ڪي پي ڪي ڪالاباغ سبب متاثر ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه اسان جي پياري سنڌ ۾ گذر سفر جو واحد ذريعو زراعت آھي ۽ سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي سبب سنڌ جا ماڻھو پنھنجيون زمينون آباد ڪري پنھنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪندا آھن بلوچستان ۾ اڳئين خشڪ سالي آھي بلوچستان جي ڪجهه  ضلعن ۾ سنڌو درياهه  مان پاڻي ڏنو ويندو آھي تنھنجي ڪري ھي ڪڏھن به  ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نه  ڏيندا.

ھن وقت سڀ سمجھن ٿا ته  انھن جون نظرون سنڌو جي پاڻي تي آھن اھي شرپسند پاڻي ضايع ٿيڻ جو ڳالھيون ڪري ملڪ ۾ افراتري پيدا ڪري ملڪ خلاف سازش ڪري رھيا آھن ملڪ جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ھن ملڪ جي ڪرتا ڌرتائن کي انھن سازشين کي روڪڻو پوندو ڇو جو ھن وقت ملڪ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي سخت ضرورت آھي ڪجهه  سياستدان صرف ڪرسي جي لالچ ۾ اچي ڪري ملڪ جي عوام کي غلط ٻڌائي ملڪ ۾ انتشار ڦھلائي رھيا آھن آخر جڏهن ملڪ جي ٽن صوبن جنھن ڊيم کي رد ڪيو آھي. ان کي اقٿدار ۾ اچي ٺاھڻ جو واعدو ڪرڻ وارا ڪھڙي منھن سان ائين واعدا ڪري رھيا آھن ڇا انھن جا مفاد صرف پنجاب تائين محدود آھن ڇا اھي پاڪستان کي صرف پنجاب سمجھن ٿا

جنھن ڊيم کي سنڌ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان رد ڪري چڪا آھن ان کي ٺاھڻ سان ڇا پاڪستان جي امن سالميت کي نقصان نه  پھچندو پاڪستان جي مفادن خاطر ڪالاباغ ڊيم کي دفن ئي رھڻ ڏنو وڃي  ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ انارڪي ڦھلجي ويندي ملڪ جي سالميت کي خطرو ٿي سگھي ٿو ٽن صوبن جي عوام جي دلين ۾ پنجاب جي عوام خلاف نفرتن ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو ان لاءِ ضروري آھي ته  انھن عنصرن کي ڪالاباغ ٺاھڻ وارن بيانن کان روڪي کين پابند ڪيو وڃي ته  ڪالاباغ ڊيم هميشه جي لاءِ دفن ٿيل آھي، ان کي دفن ئي رھڻ ڏنو وڃي ڪنھن به  سياستدان کي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪرڻ کان روڪيو وڃي نفرتن کي ھوا ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سرعام اھو اعلان ڪيو وڃي ته  ڪالاباغ ڊيم ملڪ جي امن سالميت ۽ ڀائيچاري جي خلاف آھي، جنھن کي ھميشه جي لاءِ دفن ڪيو ٿو وڃي .

ھن سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ پاران ڪالاباغ ڊيم لاءِ ٻڌڻي منظور ڪري ان تي پيشيون شروع ڪرڻ به  سواليا نشان آھي جنھن ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ ڪي پي ۽ بلوچستان جي عوام رد ڪري ڇڏيو آھي ان تي اڃا اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪھڙي ڳالھه ڪجهه ه سال اڳ جڏھن نواز شريف جي حڪومت ۾ نواز شريف پاران ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو اعلان ڪيو ويو ھيو ته  ان وقت سنڌ جي تمام قومپرست پارٽين سميت پ پ پ پاران ان جي سخت مخالفت ڪئي وئي ھئي جنھن خلاف ڪمون شھيد سنڌ پنجاب جي سرحد تي شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ لکين سنڌ واسين پاران ڪالاباغ ڊيم نا منظور جا نعرا ھڻندي ان کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو ھيو جيڪي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جون ڳالھيون ڪري رھيا آھن اھي ان وقت لڳندڙ لکين ماڻھن پاران ڪالاباغ خلاف ٿيندڙ ريفرينڊم کي ڏسي پوءِ فيصلو ڪن اميد ته  ڪراچي واسي جيڪي سنڌ جا سپوت آھن اھي ڪالاباغ ڊيم بابت ٿيندڙ اتفاق راءِ واري شروعاتي عمل ۾ سنڌ جي زراعت کي تباھي کان بچائڻ جي لاءِ اھي ڪالاباغ ڊيم خلاف ھڪ آواز بڻجي فيصلو ڏيندا

شھيد راڻي پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف شروع ڪيل تحريڪ ۾ ھر سنڌ واسي حصو ورتو ھيو جن پنھنجي ايڪي ۽ ٻڌي سان ڪالاباغ ٺاھڻ جو اعلان ڪندڙن کي پوئتي پير ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھيو ھا ھڪ ڳالھ ضرور آھي ان وقت به  ڪجهه ه ڪرسي ۽ وزارتن جا لالچي پڻ ھيا جن سنڌ سان بيوفائي ڪئي ھئي ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت جو اعلان ڪيو ھيو انھن ۾ سرفھرست فنڪشنل ليگ وارا   ھيا جن کليل نموني ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪئي ھئي اڄ به  اھي چب سبي ويٺا آھن ۽ پاڻ کي سنڌ جو خير خواھ سڏائڻ ۾ پورا آھن

اڄ به  جڏھن ڪالاباغ جي حامين جي ڳولا ڪئي ويندي ته  اھي ئي ساڳيا ماڻھو اتفاق راءِ تي راضي ٿيندا باقي سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪالاباغ ڊيم جو مخالف ھيو آھي ۽ رھندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے