22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ملڪي حاڪميت ۽ مجذوب

حافظ سڪندر تنيو

اڄ جي سائنسي کوجنا ثابت ڪيو آهي ته ڪائي به  غير مرئي مخلوق جيڪا ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي، سا هن زمين تي موجود ئي ناهي، ان ڪري جنن جو تصور هڪ وھم ۽ وسوسو ثابت ٿيو آهي،  جتي تعليم اچي ٿي تتي جن غائب ٿي وڃن ٿا، پر سنڌي ماڻهو ذهني مريضن کي درگاهن تي وار ڇوڙي لهر هڻائڻ کان اڃا باز نٿا اچن، سنڌ ۾ ڳوٺن ٻَڌڻ جو سلسلو سنڌي مسلمانن وڌو هيو، جو هو مذهبي طور گهڻائيءَ ۾ به  ھئا، ان ڪري سڀيئي ڳوٺ مسلمانن جي نالن سان ئي سڃاتا وڃن ٿا، پوءِ اڳتي هلي هندو سنڌي پڻ سُرندو ڳوٺن ۾ مسلمانن سان گڏجي رهڻ لڳو ۽ هڪ قوم ھئڻ سبب گڏجي گذارڻ لڳا.

منهنجو ڳوٺ ٿرڙي ميان ھاشم تنيو جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، هي تر ۾ پراڻو ڳوٺ ليکيو ويندو آهي، هي انڊس هاءِ وي تي وڳڻ ۽ نصير آباد جي وچ تي آهي، ميان ھاشم جي نالي سان هڪ ڪور، ديهھ ۽ هي ڳوٺ سڏجي ٿو، اصل ڳوٺ تنيا قبيلي وارن جو ٻڌايل آهي، منهن جي ڳوٺ ۾ پڻ سنڌي هندن جو جھجھو تعداد هوندو هيو، جن ۾ ڪاڪو ڪوٽومل، موٽو مل، اتم مل، رهندو مل ۽ سيٺ آسنداس جا نالا مشهور ھئا،  ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي پنهنجي لکيل آتم ڪٿا جو ڪتاب مون کي ڏنو ھيو، جنھن ۾ لکيو اٿس ته جڏهن هو ٻنڊي ۽ ڳيريلي مان نڪري قمبر پڙهڻ لاءِ آيو هيو ته ساڻس هاسٽل ۾ گڏ ٿرڙي هاشم جي سيٺين جا ڇوڪرا پڻ رهندا ھئا، مون ڪامريڊ سوڀي کان پڇا ڪئي ته اوهان مشهور سياسي اڳواڻ، ڪميونسٽ ليڊر ۽ انسان دوست اديب ليکيا ويندا آهيو، اوهان کي ننڍي کنڊ جا سڀ سياسي ماڻهو سڃاڻيندا آهن، رابندر ناٿ ٽئگور اوهان کي موهن جي دڙي جو ماڻهو ڪري سڏيندو هيو، اوهان جڏهن انڊيا ويئو ته اوهان کي منهنجي ڳوٺ جا اوهان سان گڏ پڙهندڙ ڇوڪرن مان ڪوئي مليو هيو، چيائين بابا حافظ مون گهڻو پوڙهو ٿي چڪو هيس، جو انڊيا ويو هيم منهنجي مان ۾ وڏا پروگرام ڪرايا ويا هئا، پر مونکي انهن ڇوڪرن مان ڪوئي به  ملي نه سگهيو هيو.

سو ڳالھه ڳوٺ جي پئي ڪيم ته آئون 1960 ۾ ڄائو آهيان مون کان اڳ سنڌي هندو ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ يا انڊيا ڏانهن هليا ويا هئا، مون سندن ڊٺل گهر ڪجهه  ڏٺا هئا، جيڪي ڳوٺ جي ماڻهن ان ڊپ جي ڪري ڊاهي سرون شهتير کنيا هئا ته متان پناهگير مٿن مالڪي نه ڪري وجهن، ڪجهه  دوڪان سالم مون به  ڏٺا، هڪ منهنجي والد صاحب وٽ به  هيو، جنهن ۾ هو ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندو هيو، منهنجي ڳوٺ ۾ ٽي عدد ذهني مريض پڻ هئا، جيڪي ڳوٺ جي ٽن مکيه ڪُنڊُن تي ويٺل هئا، جن ۾ هڪ غلام شيخ نالي ھيو، جيڪو ڪکن جي جهوپڙي ۾ رهندو هيو، گرمي سردي سندس جان جو بچاءِ ڪري ڪين سگهندي هئي، سيءِ پارن ۽ برسات ۾ هن جو بدن ڏڪندو هيو، منهنجي والد ميان رحيمداد ۽ حافظ محمد صديق شيخ گڏجي کيس هڪ ڪوٺي ٺهرائي ڏني هئي، جتي هن زندگي جا پڇاڙڪا پل گذاريا ھئا، ٻي ڪُنڊ تي شير ڀٽو نالي هڪ مست رهندو هيو، جيڪو ذهني مريض ھوندي مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هيو، مائٽن مٿان ماني ڳڀي جو ٻوجهه پڻ نه رکندو هيو، ڪچو پڪو کاڌو رڌي کائيندو هيو، ٽين ڪُنڊ تي حسن تنيي نالي سان هڪ الله لوڪ رهندو هيو، جيڪو پنهنجو پاڻ سان پيو ڀڻ جھڻ ڪندو هيو، چوندو هيو ڀڄي وڃ، تنگ نه ڪر، ماڻهو سمجهندا هئا کيس جن آهي جن کي تڙيندو ٿو رهي. هڪ ڀيري وڳڻ پوليس جي وڏي پيٽ وارو پوليس وارو علي شير کوسو اسر ويل ڳوٺ تي ڪاهي آيو، سندس سامهون غلام شيخ اچي ويو، پڇيائينس راجھو رهزن جو گهر ڪٿي آهي، مست چيس اوهان کان وڌيڪ رهزن راجھو ته ناهي رهزن اوهين ته آهيو، جمعدار علي شير بڙ بڙ ڪندي ٻٽي گاريون کيس ڏيئي ڇڏيون ته زور سان ڳالهائڻ تي سندس ڏندن جي ڌاري ٻٽيهي وات مان نڪري هيٺ اچي ڪري، جنهن کي ڪنگ گوشت جو ٽڪرو سمجهي کنيون هليو ويو، ڪانوَ جي ڪڍ پوليس گهڻو پئي پر هو غائب ٿي ويو، اڳتي هلندي وري شير ڀٽو سامهون نظر آين کانئس پڇا ڪيائون راجھو رهزن ڪٿي ملندو؟شير چين مون وٽ ناهي مسيت ۾ وڃي ڏسوس، اڳتي سُرڪي هليا ته حسن تنيو جنن کي گاريون ڏيندي اچي رهيو هيو ته پوليس واري پڇيس راجھو رهزن ڪٿي هوندو؟ هن چين ملڪ سڄو رهزنن سان ڀريو پيو آھي، ڪهڙا پڪڙي ڪهڙا پڪڙيندئو. جمعدار علي شير جي ڏندن جي ٻٽيهي جي گم ٿيڻ جو ارمان هيو، چيائين هلو چرين جي ڳوٺ ۾ اچي ويا آهيون اهڙي طرح رانجهي جي جان آجي ٿي ويئي.

ڀر ۾ وڏو شهر وڳڻ آهي اتي پڻ هڪ گوڙو نالي ذهني مريض گهمندوهيو، جنهن جي بدن تي لٽو ڪپڙو پهريل نه هوندو هيو، پر پوءِ کيس مولوي محمد مراد سومري هڪ پڙو رٻڙ سان وجهرائي ڏنو، جنهن سان هيٺيون حصو ڍڪيل رهندو هيو، هو به  ماڻهن کي ڪچيون گاريون ڏيندو هيو، ماڻهو خوش ٿيندا هئا ته گوڙوءِ جي گار ڀاڳ ڀلا ڪندي، سندس مرڻ کان پوءِ کيس وڳڻ ۾ پوريو ويو، خانصاحب مٺل خان وڳڻ مٿس مقبرو جوڙايو آهي، جتي هرسال گوڙل فقير جو ميلو لڳندو آهي.

هڪ اهڙو ئي شخص هيو جيڪو ڪپڙي لٽي جي گهرج کان آجو، کاڌو مليو ته کائي باقي بچيل کاڌو ڪپڙن تي هاري ڇڏيندو هيو، رات رڻ ۾ پئي يا وسنديءَ ۾ ڪوئي الڪو ڪونه ڪبو، سج اڀريو وري هل هلان ڪبي، وهنجڻ سهنجڻ جو بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير وانگر خيال ئي نه آڻبو هيو، سال ڇهين مهيني ڪنهن زوريءَ  اشنان ڪرايس ته ڪري وٺبو هيو، مکين جا بدن تي ميڙاڪا هوندا هيس، جن سان جهيڙو هندوستان ۽ پاڪستان جيان جاري رهندو هيو، مکين کان پوءِ ڪيڙا ماڪوڙا به  مٿس حملا ڪندڙ هئا، نيٺ ڪارگل جي جنگ جيان مکين کان هارائي ويو، هڪ ڏينهن اوچتو اونهي پاڻي ۾ لهي ويو، جتان ٻاهر نڪرندي ڪنهن نه ڏٺس.

اسان جي ملڪ مٿان به  ان مجذوب جيان مکين جي يلغار ڪڏھن ڪراچي ۾ ٻورين بند لاش ملڻ، وانا وزير ستان ۾ مذهبي جنون، شهرن ڳوٺن ۾ بم ڌماڪا، مسجدن، مندرن، ڪليسائن ۾ خدا جي ٻانهن جو ڪوس ڪرڻ، واريون مکيون ملڪ جي بدن کي پٽي رهيون آهن، جن جو تدارڪ ڪرڻ بجاءِ سندن تعريفون ڪيون ٿيون وڃن، انتهاپسندن بجاءِ امن پسندن کي قيد ڪيو ٿو وڃي، هي حڪمران ته هوش حواسن ۾ هوندي فوج سندن ساٿ ۾، عوام جا ووٽ سندن کيسي ۾، وزيرن صلاحڪارن جو لشڪر سندن ڪابينا ۾ هوندي به  ملڪ جي بچاءِ ۽ ڀلي جو وٽن ڪوئي احساس ئي ناهي، ھر پنجين سال ووٽن جو کٽراڳ، اليڪشن ۾ ڌانڌليون، ميرٽ جو مٿو ڪوڙي ڇڏڻ، وي آءِ پي طمطراق، هوندي ملڪ کي مافيائون مکيون کائي رهيون آهن،وقت گذرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي پنج سال ڀوتارن جي بادشاهيتن جا پورا ٿي ويا.

يي نماز عصر ڪا وقت هي، يي گهڙي هي دن ڪي زوال ڪي،

يي قيامتين جو گذر گئين، ٿي امانتين ڪئي سال ڪي،

سو هينئر سندن سج جو زوال ٿيڻ وارو آهي مٿن ٽيپهري جي اونداهي جا پاڇا پوڻ وارا آهن سندن سج کي ٻيهر اڀرڻ نه ڏنو وڃي، اچو نئون سماج جوڙيون، نئون نسل اڳتي آڻيون، گنجا گونگا مجذوب، جھپ پوڙها، ڏند وات مان گم ٿيلن کي تڙي ڪڍون، کين مکين کاڌل مريض وانگر ٻوڙي ماري ڇڏڻ ۾ ئي ملڪ جي سالميت سلامت رهي سگهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے