21 خميس , جون 2018

ڪالا باغ ڊيم جو معاملو هاڻي دفن ٿيڻ گهرجي

ملڪ ۾ پاڻي بحران ۽ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير بابت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس جي ڇنڇر ڏهاڙي چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ميان ثاقب نثار جي  سربراهي ۾ لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس  فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه به هن بينچ جو حصو هئا. ڪيس جي ٻڌڻي جي ابتدا ۾ مجيب پير زادي ايڊووڪيٽ موقف رکيو ته ڪالا باغ ڊيم تڪراري بڻجي چڪو آهي، چئن صوبن جو عوام اُن کي خطرو سمجهي ٿو ۽ هن منصوبي تي ملڪ اندر اتفاق موجود نه آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان حقيقت پسنداڻو موقف اختيار ڪندي چيو ته هو ڪالا باغ ڊيم جو ذڪر ئي نه ڪندا، ڇو جو هي معاملو تڪراري آهي ۽ هن معاملي کي ڇيڙڻ بنا ملڪ اندر جيڪو پاڻي جو بحران آهي، تنهن جو متبادل تلاش ڪرڻ لاءِ عيد کانپوءِ سيمينار ڪوٺايا ويندا.

ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بيريسٽر ضمير گهمري، واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ظفر محمود توڙي ٻين ڌرين به پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو. ڪالا باغ ڊيم جيئن ته صوبن جي وچ ۾ تڪرار جو بنياد آهي ۽ صوبا جيئن ته وفاقي جي آئيني وحدتون آهن، تنهن ڪري هي تڪرار سواءِ آئيني فورم يعني گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ٻئي ڪنهن هنڌ کڻي به نه ٿو سگهجي ۽ نبيري به نٿو سگهجي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان آئين تي عمل ڪنداسين ۽ ايندڙ نسل کي سٺو مستقبل ڏئي وينداسين. هن چيو ته اسان  ڪالا باغ ڊيم تي نٿا ڳالهايون پاڻي مسئلو حل ڪرڻ چاهيون ٿا. ڏٺو وڃي ته پاڻي دنيا جي باقي ملڪن جيان پاڪستان جو به هڪ ٻرندڙ  مسئلو آهي، جيڪو اصولي طور حڪومت کي ۽ ذميوار وزارتن کي حل  ڪرڻ گهرجي. رڳو ڪالا باغ ڊيم جي تعمير تي ڳت ڏئي بيهڻ، توانائي ضايع ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي. هڪ اهڙو منصوبو جيڪو قابل عمل نه هجي، تنهن تي وسيلا ۽ توانائيون وڃائڻ بدران بهتر ٿيندو ته ان جو متبادل ڳوليو وڃي، جنهن جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ به ڳالهه ڪئي آهي.

سياسي ڌريون ڪالا باغ ڊيم کي جيئن ته تڪراري  سمجهن به ٿيون ۽تسليم به ڪن ٿيون ۽کين چڱي ريت پرک ۽ پروڙ به آهي ته هن معاملي کي ڇيڙڻ سان ملڪ جا بنياد لڏي سگهن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو انهن سياسي بسيرت کان ڪم وٺندي هن معاملي کي ڇيڙڻ کان پاسو ڪيو آهي. نه رڳو ايترو 2008 ع وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا حڪومت قائم ٿي هئي، جنهن 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي خودمختياري ڏانهن اڳڀرائي به ڪئي هئي. تنهن حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ طئي ٿيو هو ته ڪالا باغ ڊيم جيئن ته تڪراري مسئلو آهي، جنهن سان وفاق خطري ۾ پئجي سگهي ٿو، تنهن ڪري هنن ڪالا باغ ڊيم واري معاملي تان هٿ کڻي ڇڏيو هو، هي جئين ته اليڪشن جي مند آهي، جيئن ڪي جماعتون فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ لسانيت ۽ ٻولي کي هٿي وٺرائن ٿيون ۽ تعصب کي اڀارين ٿيون، تهڙي طرح ڪي صوبا ۽ انهن جون جماعتون وري اهڙي مئل گهوڙي کي جيئاري عام چونڊن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون.

ٽن آئيني اسيمبلين ۾ اتفاق راءِ سان ڪالا باغ ڊيم رد ٿيڻ ۽ ملڪ جي اعليٰ عدالت طرفان به آئيندا ڪالا باغ ڊيم جو ذڪر ڪرڻ بدران پاڻي بحران جو حل ڳولڻ جي ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ هي معاملو هميشه هميشه لاءِ دفن ٿيڻ گهرجي.

اُن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پاڪستان پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي پر اُن جو حل رڳو ڪالا باغ ڊيم يا ڪنهن وڏي ڊيم جي تعمير کي هرگز نه سمجهڻ گهرجي، ڇو جو ڊيم اتي ٺهندا آهن، جتي ججهو پاڻي هوندو آهي، اهو زيان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ذخيرو ڪيو ويندو آهي پر اسان وٽ جيئن ته آهي ئي ٻارهون ئي پاڻي جي کوٽ ۽ ٻيو وري صوبن ۾  بداعتمادي، اهڙي صورتحال ۾ ڊيمن جي تعمير ممڪن ئي نه آهي، بهتر ٿيندو ته ننڍا ننڍا ڪيري اوور ڊيم تعمير ڪيا وڃن،نه  رڳو ايترو پر جيڪا آب هوائي ۽ موسمي تبديلي آئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مينهن وسڻ گهٽجي ويا آهن، گرمي جي شدت وڌي آهي، جر کٽي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ تباهه ٿيل ۽ وڍيل ٻيلا بحال ڪري، روڊن جي ڪنارن، واهن ۽ ڪئنالن جي ڪڙين توڙي ميدانن، گهرن، اسپتالن، اسڪولن مطلب ته هر خالي هنڌ ۽ جاءِ تي وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي موسم سازگار بڻائي سگهجي ٿي ۽ اها سازگار موسم پاڻي آڻڻ ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو  سبب به بڻجي سگهجي ٿي.

سومر 11 جون  2018ع، 26 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عيد ۽ خوشي

عيدالفطر ۽ خوشي جو تصور، رمضان المبارڪ ۾ مسلمانن مٿان روزا فرض ڪيا ويا، مند …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے