20 خميس , سيپٽمبر 2018

صرف اليڪشن وقت ياد ايندڙ ماڊل ٽائون سانحو…

مصطفيٰ  جمالي

ڪيترا ئي سال پهرين، جون جي هڪ تپندڙ صبح اندر لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ غير ملڪي شهريت رکندڙ هڪ مذهبي اڳواڻ ڊاڪٽرالطاهرالقادري جي رهائش گاهه کي هٽائڻ ۽ بچائڻ جي ڪشمڪش اندر جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسانجي تاريخ جو هڪ اهڙو افسوس ناڪ واقعو هو جيڪو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي،بي گناهه سياسي ڪارڪنن کي پوليس مقابلي لاءِ تيار ڪيو ويو هو جنهن واقعي کي سياسي واقعن جي پس منظر کان الڳ ڪڏهن به نه ٿو ڪري سگهجي.هي اهو وقت هو جڏهن اپوزيشن ۾ موجود هڪ سياسي اڳواڻن جي ٽولي هڪ خاص قسم جو منصوبو جوڙيو.جڏهن ته شيخ رشيد جي بيانن کي هميشه جيان کولي ڏسبو ته سندس بيانن ۾ هيمشه ڪنهن آفت جي ڏنل آگاهي محسوس ٿيندي آهي،اسانجي معاشري اندر جهڙي ريت لاشن تي سياست ڪئي پئي وڃي انهيءَ جو ڪو انت ڇيڙو ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي،جڏهن ته ڪيتريون رياستون اهڙي لاشن واري سياستن کي مڪمل رد ڪري چڪيون آهن پر اسان وٽ اها سياست اڃان به جاري ۽ ساري آهي،جهڙي ريت اسان جي ڳوٺن ۾ ڪاري ڪاري جرڳن واريون ڪڌيون رسمون موجود آهن اهڙي ئي ريت اسانجي ملڪ اندر لاشن تي ڪيل سياست جو به عروج آهي جنهن جو زوال ڏسڻ ۾ نه پيو اچي پر اهو زوال اچڻو ضرور آهي ڇو ته هميشه اهو دستور رهيو آهي ته جنهن جو  به عروج آيو آهي، ان جو زوال به ضررو آيو آهي توهان ثبوتن طور تاريخ جي ورقن کي کولي ڏسي سگهو ٿا.

اهو فيصلو مڪمل ٿي چڪو هو ته جون جي سترهن تاريخ جي صبح ڊاڪٽرطاهرالقادري جي گهرجي ٻاهران لڳل غيرقانوني بيئرن کي هٽائڻ جو فيصلو پنجاب حڪومت جو ئي هو،جڏهن ته ان ۾ راڻا ثناالله خان،۽ وزيراعليٰ پنجاب جو سيڪٽري توقيرشاهه به شامل هو، ان ڪري ڪيترائي سوال ذهن ۾ اٿن ٿا ته ٻاهر لڳل بينر ۽ ماڻهن کي هٽائڻ جو حڪم ته جاري ڪيو ويو هوُ ان سان گڏ پوليس کي انهيءَ عوام مٿان ڳوليون هلائڻ جو حڪم ڪنهن جاري ڪيو.؟ جنهن پوليس جي فائرنگ ۾ ڪيترائي بي گناهه ماڻهو مارجي ويا،ڇا هي هڪ دلچسپ ڳالهه ناهي ته هڪ رڪني ڪمِيشن جو پارٽي جي طرفان بائيڪاٽ ڪيو ويندو آهي.اها به سوچڻ سمجهڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن به ڪا پارٽي ڪنهن تحقيقاتي رپورٽ جو بائيڪاٽ ڪندي آهي ته لازمي طور تي بيان ۽ حقائق مخالف پارٽِي جي حق ۾ هليا ويندا آهن،پر هي هڪ اهڙي عجيب ۽ غريب رپورٽ آهي جنهن اندر انهيءَ رپورٽ جي خلاف ٿيندڙ پارٽي اندر اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن اوهان انهيءَ تحقيقاتي رپورٽ جي مخالف ڪندا ته فائدو اوهان کي ٿيندو،جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن هڪ پارٽِي انهيءَ رپورٽ جي مخالف ڪري ڇڏي آهي ته اهي ڪهڙا ذريعا هئا جن انهيءَ تحقيقاتي رپورٽ تي ٻيهر ڪمِيشن جوڙڻ جي مشورو ڏنو،جڏهن ته جنهن وقت اها رپورٽ تيار ڪئي وئي هئي

ان وقت تحقياتي ڪيمشن اهو واضع لفظن ۾ چيو هو ته قائم ڪيل ڪيمشن پاڻ ئي تحقيقات ڪري انهن ماڻهن تائين پهچندي جيڪي ماڊل ٽائون واري واقعي ۾ ملوث آهن،اتي سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن اهڙو بيان ڏنو ويو هو ته تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪندڙ ڪميشن پاڻ ان جي نشادهي ڪندي ته واقعو ڪيئن ۽ ڇو ٿيو ته پوءِ اڄ تائين انهيءَ تحقيقاتي ڪميشن انهن ماڻهن تائين ڇو ناهي پهتي جن جي ڪري اهو واقعو پيش آيو،جڏهن ته تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪندڙن کي به لاشن جي وارثن کي ڪيترائي ڏينهن واردات واري جاءِ کان روڪيندا رهيا جيڪا به ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تحقياتي رپورٽ اهڙي ٺهي ئي نه هئي جهڙي ريت تحقيقاتي رپورٽ تي تيار ڪرڻو هو،لاورثن پاران اهو به چيو ويو هو ته تحقيقاتي رپورٽ ٺاهيندڙ پوليس انهن سان ڪنهن به قسم جو تعاون نه پئي ڪيو.

سوچڻ جهڙِي ڳالهه اها به آهي ته ان وقت انهيءَ ڳالهه تي اعتراض ڇو ڪون ڪيو ويو هو،جڏهن ته ان وقت جي هاءِ ڪورٽ جي هڪ ٽربيونل ۾ رپورٽ به پيل آهي،۽ ايف آءِ سي آر جي رپورٽ کي به ڇونه  ڪونه پڌرو ڪيو ويو هو،جنهن اندر سمورن ماڻهن جي خاندانن جي نالن کي شامل ڪيو ويندو آهي،جڏهن ته ڪميشن اندر مختلف ايجنسيز جي رپورٽن کي ته شامل ڪيو ويو آهي،پر حيرانگيز ڳالهه اها آهي جو پوليس رات جو ڏيڍ وڳي ڌاري ماڊل ٽائون پهتي ۽ صبح ساڍي اٺِين وڳي تائين ڪوبه ماڻهو فوت نه ٿيو هو،جڏهن ته وقت ٻنپهرن جو ٿئي ٿو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي ماڊل ٽائون پهچڻ  جو اعلان ڪيو ويندو آهي،جنهن کانپوءِ پاڪستان عوامي تحريڪ جا ڪيترائي ڪارڪنن ماڊل ٽائون وٽ غيرملڪي شهرت رکندڙ اڳواڻ جي گهر اڳيان لائون اسپيڪرن سميت پهچڻ شروع ٿي ويندا آهن،جڏهن ته هڪ ايجنسي جي رپورٽ جي مطابق ته پهرين گولي منهاج جي گارڊ جي طرفان هلائي وئي هئي،جڏهن ته پوليس انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته انهن پوليس اهلڪارن مٿان پٿر وسايا وڃن ٿا،جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري ٿي ۽ ڪيتريون انساني زندگيون مارجي وڃن ٿيون،جڏهن ته پهرين اطلاع موجب چوويهه ۽ ٻئي اطلاع جي 18۽ ۽ ٽئين اطلاع جي موجب 14ماڻهو مارجي وڃن ٿا جڏهن ته رپورٽ جي مطابق 10ماڻهو مارجي وڃن ٿا،

رپورٽ کي سامهون رکندي مختلف تجزي ڪارن جا مختلف رايا آهن،جن جو اهو ئي چوڻ آهي ته انهيءَ واقعي جو ذميوار ڪنهن کي ڏيارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر فائرنگ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ واري تائين به ڪير پهچي نه سگهيو آهي،جڏهن ته جنهن وقت به اهو سوال سچ ٿي ڪري سڀني جي سامهون ايندو ته اهو سچ برداشت ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو، انهيءَ واقعي کي اڳيان وڌائينداسين ته جون کانپوءِ جولاءِ ۽ جولاءِ کانپوءِ  آگسٽ اچي ويندو آهي جتي پاڪستان جي 21ڪروڙ عوام سان 20هزار کان مٿي ماڻهو پارليامنيٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪري ڏيندا آهن،۽ هڪ نئين پاڪستان جي آغاز جو نعرو هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن،اتي کين وڌيڪ لاشن جي ضرورت هوندي آهي ڇو ته اتي هوُ ماڊل ٽائون جي ريپلي ڪرڻ چاهيندا آهن،ڇو ته کين اقتدار حاصل ڪرڻ واري جذبي ايترو ته بلند ڪري ڇڏيو آهي جو هو ڪجهه به ڪرڻ کان لهرائين نه ٿا،

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے