23 آچر , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ چيڪ پوسٽ تي طالبان جو حملو، 15 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

Taliban attacks on check post in Afghanistan, 15 security forces were killedڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي قندوز ۾ چيڪ پوسٽ تي طالبان جي حملي ۾ 15 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب قندوز صوبي ۾ چيف پوسٽ تي طالبان جي حملي جي نتيجي ۾ 15 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا جڏهن طالبان سيڪيورٽي فورسز  وچ ۾ چڪرين دوران ملٽري ٽينڪن تي پڻ قبضو ڪري ورتو. افغان ميڊيا موجب حملي ۾ مارجي ويلن ۾  10 پوليس اهلڪار ۽ 5 فوجي اهلڪار شامل آهن جڏهن ته حملي جي حوالي سان مقامي انتظامي ۽ افغان حڪومت طرفان اڃان تائين بيان جاري ناهي ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي صدر اشرف غني جي طرفان جنگبندي جي اعلان بعد طالبان به پهريون دفعو عيد الفطر جي ٽنهي ڏينهن ۾ افغان فورس جي خلاف جنگبندي جو اعلان ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايراني صوبي آهواز ۾ فوجي پريڊ تي حملو، 8 اهلڪار مارجي ويا

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۾ فوجي پريڊ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے