24 سومر , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ پاران لوڊشيڊنگ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف  بجلي جي لوڊشِڊنگ  خلاف ملڪگير احتجاج جو  اعلان ڪري ڇڏيو آهي ،. پي ٽي آءِ تترجمان فواد چوڌري چيو ته  بجلي بجلي هئي يا برياني ويندي ويندي پاڻ سان گڏ کڻي وئي .  هن چيو ته ن ليگ بجلي ٺاهي هئي ته پوءِ  هجڻ گهرجي .ان کان اڳ تحريڪ انصاف  جي ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته  پي ٽي آءِ  ۾ 90 سيڪڙو ٽڪيٽس تي ڪو تڪرار ناهي  ۽ پي ٽي آءِ  جي ماڻهن کي ٽڪيٽس  تي ڪو به تڪرار ناهي ۽ پي ٽي آءِ  جي امڻهن کي ٽڪيٽس نه ملڻ جو تاثر غلط آهي .  تحريڪا نصاف  ۾ چونڊن لاءِ پارٽي جي ورهاست تي ڪارڪنن  بني گالا  ۾ عمران خان جي رهائش گاهه ٻاهران احتجاج ڪيو هو جنهن بعد پي ٽي آءِ چيئرمين  ڪارڪنن کي درخواستون موڪلڻ  جو چيو هو . اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي فواد چوڌري چيو ته  عمران خان  ۽ پارلياماني  بورڊ سان به غلطيون ٿي سگهن ٿيون  پر 90 سيڪڙو ٽيڪس  تي ڪو به تڪرار ناهي  ۽ تحريڪ انصاف  مضبوط اميدوار  ميدان ۾ لاهيندي . هن چيو ته  سموريون درخواستون  آن لائن وصول ڪيون ، پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي ٽڪيٽس  نه ملڻ وارو اهو تاثر غلط آهي  ، پيپلزپارٽي  مان ايندڙ 18 ماڻهن کي به ٽڪيٽس مليون آهن.  فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ن ليگ  ۾ڀڃ ڊاهه جو عمل جاري آهي ، ن ليگ ته اڃا تائين اميدوارن جا نالا به جاري ناهن ڪيا .  ان اڳ فواد چوڌري  شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز تي ڳالهائيندي  چيو ته  نواز شريف جي ڪيس جو فيصلو جلد اچڻ گهرجي، خواجه حارث کي وڌيڪ ڪيترو وقت گهرجي، ڇا قيامت تائين ٽرائل هلائڻ چاهي ٿو، اها رڳو نيب ريفرنسز کان ڀڄڻ جي ڪوشش آهي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث جي نيب ريفرنسز تان هٿ کڻڻ جي معاملي ۾ رد عمل ظاهر ڪندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان وٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي، خواجه حارث جو هٿ کڻڻ رڳو نيب ريفرنسز مان ڀڄڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته نواز شريف سزا کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، کيس سرڪاري وڪيل فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪيس جو فيصلو جلد ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته 134 ڏينهن پهرين ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هليو، هاڻي ٽرائل ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، خواجه حارث ڀڄڻ چاهي ٿو کيس وڌيڪ وقت گهرجي، ڇا قيامت تائين ٽرائل هلائڻ چاهين ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے