20 اربع , جون 2018

وريندر سهواگ ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ لڄارو هو: سچن ٽنڊولڪر

Vendor Sehwag was in the early days of career: Sachin Tondulkarممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ عالمي ڪرڪيٽ جي عظيم بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر انڪشاف ڪيو آهي ته  اڳوڻو ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ تمام گهڻو لڄارو هو ڪنهن سان ڳالهائيندو به نه هو. سچن ٽنڊولڪر چيو آهي ته سهواگ ساڻس به ڳالهائيندو هو، انڪري سوچيم ته جيڪڏهن اسان کي گڏجي ڀارت لاءِ اوپنگ ڪرڻي آهي ته پوءِ ڄاڻ سڃاڻ وڌائڻ ضروري آهي، انڪري مان کيس چيو ته هلو ته ٻاهران  ماني کائي اچون، سچن چيو ته هن کائنس پڇو ته توهان کي ڇا پسند آهي؟ جنهن تي هن چيو ته سبزي کائيندڙ آهي، جنهن تي کائنس پڇو ته ائين ڇو  جنهن هو چوڻ لڳو ته سندس گهر وارا چوندا آهن ته جيڪڏهن مان مرغي کائيندس ته ٿلهو ٿي ويندس، اهڙي طريقي سان مان سندس رنڊڪ ختم ڪئي. ٻئي پاسي اڳوڻي ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ پڻ تسليم ڪندي چيو ته هو ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ سينيئر رانديگرن سان ڳالهائيندي شرمائيندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: جاپان ۽ ڪولمبيا جي ميچ جون تصويري جهلڪيون

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ جاپان ڪولمبيا کي 1 جي مقابلي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے