21 اڱارو , آگسٽ 2018

جوني لاڳيتو 3 ون ڊي سينچريون اسڪور ڪندڙ پهرين انگلش بيٽسمين هئڻ جو اعزاز حاصل ڪر ي ورتو

First British Batsman honored the Junior Thirty-three One-Day Scoresايڊنبرگ(اسپوٽس نيوز) جوني بيئرسٽو لاڳيتو ٽي سينچريون اسڪور ڪندڙ دنيا جو نائون ۽ انگلينڊ جو پهرين بيٽسمين بڻجي ويو. جوني بيئرسٽو لاڳيتو ٽئين ون ڊي سينچري اسڪور ڪرڻ جو اعزاز اسڪاٽ لينڊ خلاف واحد ون ڊي ميچ ۾ 54 بالن تي سينچري مڪمل ڪري حاصل ڪيو. هو ان کان اڳ پنهنجي آخري سريز جي آخري ٻن ون ڊي ميچن ۾ پڻ سينچريون اسڪور ڪري چڪو هو. ان فهرست ۾ پاڪستان جا ٽي رانديگر ظهير عباس، سعيد انور ۽ بابر اعظم موجود آهن،  هرشل گبس اي بي ڊيوليئرز، ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ۽ روس ٽيلر به اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن. سڀ کان وڌيڪ 4 سينچريون اسڪور ڪرڻ جو اعزاز عظيم سريلنڪن بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا وٽ آهي جنهن 2015 جي عالمي ڪپ ۾ لاڳيتو چئن ميچن چار سينچريون اسڪور ڪيون هون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ 2018ع لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو آهي. گڏيل …