24 سومر , سيپٽمبر 2018

العزيزيه ريفرنس: نواز شريف کي وڪيل مقرر ڪري سڀاڻي تائين عدالت کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نواز سريف کي سڀاڻي تائين نئون وڪيل مقرر ڪري عدالت کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي جي شروعات تي خواجه حارث پنهنجو وڪالت نامو واپس وٺڻ جي درخواست ڪندي عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ته سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن نواز شريف خلاف ٽنهي ريفرنسز جو ٽرائل 6 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ بابت سندس موقف کي تسليم نه ڪيو ۽ اها ڊڪٽيشن به ڏني ته هڪ مهيني ۾ ريفرنسز جو فيصلو ڪيو وڃي تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ هو ڪم جاري نه ٿو رکي سگهي. ان موقعي تي ججج محمد بشير نواز شريف کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان نئون وڪيل رکندا يا خواجه حارث کي راضي ڪري وٺندا. اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته مون کي مشوري لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي. احتساب عدالت جوابدار نواز شريف کي وڪيل مقرر ڪري سڀاڻي 12 جون تائين عدالت کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے