21 اڱارو , آگسٽ 2018

علي ظفر طرفان ايڊوانس عيد مبارڪ” طيفا اِن ٽربل“ جي ٽريلر ريليز ڪرڻ جو اعلان

Announcements by Ali Zafar to discuss the "Taifa In Turbul" Trophy Releasesلاهور(شوبز نيوز) لاليووڊ اداڪار ۽ راڳي علي ظفر عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي پهرين پاڪستاني فلم” طيفا اِن ٽربل“  جو ٽريلر ريليز ڪري مداحن کي وڏو تحفو ڏئي رهيو آهي. علي ظفر پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ طيفه اِن ٽربل جو پوسٽر شيئر ڪندي مداحن کي ايڊوانس ۾ عيد جون مبارڪون ڏنيون. ” طيفا اِن ٽربل“  جي آفيشل اڪائونٽ موجب فلم جو ٽريلر هن عيد تي نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ 1200 وڏين اسڪرينن تي ريليز ڪيو ويندو. ان کان اڳ هلندڙ سال فيبروري ۾ فلم جو ٽيزر ريليز ڪيو ويو هو، جنهن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو هو. ياد رهي ته علي ظفر لائٽ انگيل پروڊڪشنز، مانڊوي والا انٽرٽينمنٽ ۽ جيو فلمز جي گڏيل پيشڪش” طيفا اِن ٽربل“  ايندڙ مهيني 20 جولائي تي ريليز ڪئي ويندي. ڪيترن ئي ڀارتي فلمن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سپر اسٽار علي ظفر جي اها پهرين پاڪستاني فلم آهي جنهن کي پاڪستان فلم انڊسٽري جي تاريخ سڀ کان وڏي ۽ مهانگي فلم قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي پاسي دنيا جي وڏي فلمي بينر يش راج فلمز ” طيفا اِن ٽربل“ جا پاڪستان کان سواءِ پوري دنيا ۾ فلم جي ڊسٽريبيوشن جا حق پڻ حاصل ڪري ورتا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

As much as I had heard from Pakistan, the triangle of readily evident statements

پاڪستان جي حوالي سان مان جيترو ٻڌو هو…! پڙهو ايوا بيانڪا جون ڇرڪائيندڙ ڳاليهون

ڪراچي(شوبزنيوز) ايوا بيانڪ جو تعلق پولينڊ سان آهي، پر سندس رهائش لنڊن ۾ آهي، هو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے