24 سومر , سيپٽمبر 2018

اسڪاٽ لينڊ هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ انگلش ٽيم کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو

Scotland beat England by 6 runs in  High Scoring matchايڊنبرگ(اسپورٽس نيوز) اسڪاٽ لينڊ جي ڪرڪيت ٽيم هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون پوزيشن تي موجود  انگلش ٽيم کي واحد ون ڊي ميچ ۾ 6 رنسن تان شڪست ڏئي وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو. اسڪاٽ لينڊ جي شهر ايڊنبرگ ۾ کيڏيل واحد ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان آئن مورگن ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو. اسڪاٽ ليند جي بيٽسمينن انگلش بالرن جو ڄمي مقابلو ڪندي مقرر پنجاهه اورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 371 رنسون ٺاهيون. ميزبان ٽيم طرفان ڪيلم مڪلائڊ يادگارن اننگز کيڏندي ناٽ آئوٽ 140 رنسون اسڪور ڪيون. ٻين رانديگرن ۾ ڪائل ڪٽزر 58 جارج منسي 55 ۽ ميٿيو ڪراس 48 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. انگلينڊ طرفان ليام پلنڪٽ ۽ عادل رشيد 2، 2 جڏهن ته مارڪ ووڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. 371 رنسن جي جبل جيڏي اسڪور جي جواب ۾ شاندار شروعات ملڻ باوجود سموري ٽيم 49 اورن ۾ 365 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. انگلش ٽيم طرفان جوني بيئرسٽو 105 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ اليڪس هيلر 52 ، ليام پلنڪٽ 47، معين علي 46 ۽ جيسن روئي 34 رنسون ٽاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. اسڪاٽ لينڊ طرفان مارڪ واٽ 3 ، اليسڊيئر ايونز ۽ رچي ريبرنگٽن 2، 2 جڏهن ته سفيان شريف هڪ وڪيٽ ورتي. مڪلائيڊ کي يادگار اننگز کيڏڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو ، ياد رهي ته اسڪاٽ لينڊ جي انگلينڊ خلاف ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پهرين ڪاميابي هئي، انگلش ٽيم هن وقت آءِ سي سي رينڪنگ ٽاپ پوزيشن تي موجود آهي. جڏهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي به اسڪاٽ لينڊ خلاف 12 ۽ 13 جون تي ٻه ٽي 20 ميچون کيڏڻيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجودا رانديگرن کي افغان پريميئرليگ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته رٽائر ڪرڪيٽر ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے