21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مونکي ٽڪيٽ نه ڏيڻ لاءِ کل جوڳا ڊراما ڪيا پيا وڃن: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته  هن کي  ٽڪيٽ نه ڏيڻ لاءِ ڇو  کل جوڳا ڊراما ڪيا پيا وڃن. چوڌري نٿار پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته  هو پهريان ئي چئي چڪو آهي ته هو انهن جي ٽڪيٽ  جو اميدوار  آهي  ۽نه ئي  انهن جو محتاج آهي . چوڌري نثار چيو ته  علالت کان صحتيابي کانپوءِ سمورا معاملا  کلي سامهون اچي ويندا . هن جو چوڻ هو ته جاتي امرا  وارا ڊرامن ۽ ٻاراڻي  حرڪتن سان پاڻ سان مذاق ڪن نه ئي وري هن جي توهين ڪن .  اڳوڻي گهرو وزير جو چوڻ هو ته  ڇا ڪڏهن ائين ٿيو ته پارٽي جا سينيئر ترين ميمبر   بورڊ جي ميمبرن سامهون ٽڪيٽ لاءِ انٽرويو  ڏين

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے