20 خميس , سيپٽمبر 2018

تعصب پرست ڀارتين جو شاهه رخ خان کي پاڪستان مان چونڊ وڙهڻ جي صلاح

Advocate taking part in the election of Shahrukh Khan of Pakistan from Prasibbhar Bhartinممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پاڪستاني سئوٽ نورجهان جڏهن کان  پشاور مان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي ڀارت ۾ شاهه رخ خان جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ باليووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پاڪستاني شهر پشاور ۾ رهندڙ سئوٽ نورجهان سياسي ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو ڪندي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو. نورجهان پشاور جي تڪ پي ڪي 77 تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ چونڊن ۾ حضو وٺندي. شاهه رخ خان جي سئوٽ جي  چونڊن ۾ حصو وٺڻ واري خبر تي جتي پاڪستان ۾ کيس تمام گهڻي پذرائي ملي رهي آهي اتي ئي اها خبر ڀارت ۾ جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي آهي. پاڪستان مخالف تعصب پرست ڀارتين ان خبر ته پڻ خاموش نه ويٺا ۽ سوشل ميڊيا تي شاهه رخ خان جي خلاف نئون محاذ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا جي واهپيدارن شاهه رخ خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اهو ئي سبب آهي اهو شخص(شاهه رخ خان) پاڪستان سان بي انتها پيا ڪندو آهي. هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته هاڻي کيس شاهه رخ خان جي پاڪستان بي پناهه محبت جي سبب جي خبر پيجي وئي، هن لکيو ته شاهه رخ خان کي پاڪستان مان چونڊ وڙهڻ گهرجي. هڪ ٻئي واهپيدار ٽوئيٽر تي لکيو شاهه رخ خان کي مخاطب ٿيندي لکيو ته مان ٻڌو آهي ته توهان جي ڀيڻ پاڪستاني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، ڇا اهو سچ آهي؟ توهان ڀارت مان پيسو ڪمائيندا آهيو ۽ توهان جي ڀيڻ اسان جي دشمن ملڪ پاڪستان مان چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿي، ڇو، توهان جي ايجنڊا ڇا آهي(هن صارف کي شايد اها خبر ناهي ته نورجهان پاڪستان ۾ ئي رهندي آهي)  هڪ ٻئي واهپيدار لکيو طنز ڪندي لکيو ته شاهه رخ خان پاڪستان ضرور وڃڻ گهرجي ۽ چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ گهرجي. جاگرتي نالي واهپيدار لکيو ته شاهه رخ خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هڪڙو ڪم ڪيو پاڪستان هليا وڃو ۽ وري واپس ڀارت ڪڏهن به نه اچجو.  ان باوجود جتي شاهه رخ خان مٿان تنقيد جا تير هلايا ويا اتي ئي ڪافي ماڻهو ڪنگ خان جي حمايت ۾ پڻ ميدان ۾ آيا شيريا نالي واهپيدار لکيو ته ان ڳالهه ايتري ڊيگهه ڇو ڏني پئي وڃي، شاهه رخ خان جي سئوٽ پاڪستاني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، ورڱاهي کان اڳ اسان سڀ هڪ هئاسين، انڪري جيڪڏهن سندس خاندان وارن سرحد جي هُن پار(پاڪستان) ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي  ۽ شاهه رخ خان جي فيملي ڀارت اچي رهي ته ان ۾ ڪهڙو هنگامو  کڙو ڪيو ويو آهي. هڪ ٻئي واهپيدار لکيو آهي ته اڌ پنجاب ۽ دهلي وارا رشتي ۾ پاڪستاني آهن، ڪنهن به انهن جي حب الوطني تي سوال ناهن اٿاريا، ڇا اهي مسلمان آهن انڪري؟  ڀارتي تجزي نگار گريش جوهر پڻ شاهه رخ خان جي سئوٽ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي لکيو ته هن پڙهيو آهي ته شاهه رخ خان جي سئوٽ نورجهان پاڪستان ٿيندڙ  چونڊن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ حصو وٺي رهي آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے