18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

وفاداريون ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ ملڪ لاءِ سٺو ناهي: خواجه آصف

The Supreme Court dismissed Khawaja Asif's disqualification, allowed to participate in the electionسيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته وفادارريون ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ سٺو سنوڻ ناهي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته سياسي وابستگين جي تبديلي ناممڪنات ۾ هئڻ گهرجي، 25 جولاءِ تي خلق خدا جي عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي، پڪ آهي ته خلق خدا ووٽ جي عزت ۽ حرمت جي پاسداري ڪندي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جا نمائندا ووٽ جي اميدن تي پورا لهن ۽ عوامي جا بنيادي ۽ قومي مسئلا ايمانداري سان حل ڪن. سندس چوڻ هو ته سياستدانن جا ذاتي اختلاف ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ نه آهن، ذاتي اختلافن سبب قومي مسئلا پوئتي هليا ويا آهن. خواجه آصف چيو ته  قومي مسئلا حل ڪرڻ بدران ذاتي زندگين تي بحث ٿي رهيو آهي پر عوام جي مسئلن طرف چونڊ مهم ۾ ڌيان ڇڪائيندس. هن چيو ته مان ڪڏهن به ڪنهن جي ذاتي زندگي تي حملو نه ڪيو آهي، منهنجي سياسي تربيت ۾ ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ شامل ناهي. خواجه آصف چيو ته مون کي پڪ آهي ته چونڊن ۾ نواز شريف جا اميدوار ڪامياب ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چين به آمريڪي شين تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين به آمريڪي شين تي 60 بلين ڊالر واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے