24 سومر , سيپٽمبر 2018

عائشه احد تشدد ڪيس: حمزا ۽ عائشه احد سڀاڻي سپريم ڪورٽ  طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز ۽ عائشه احد کي سڀاڻي سپريم ڪورٽ رجسٽري طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ عائشه احد تشدد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عائشه احد جي وڪيل ٻڌايو ته حمزا شهباز ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي آهي.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا حمزا شهباز شريف پرڏيهه مان اچي چڪو آهي. عائشه احد جي وڪيل چيو ته حمزا شهباز شريف پرڏيهه مان اچي چڪو آهي. چيف جسٽس مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز شريف ۽ عائشه احد کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے