21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سلمان خان اداڪاري بعد فلم ڊسٽريبيوشن ۾ به قدم رکي ڇڏيو

Salman Khan acted after taking a step in the film distributionممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان فلم ”ريس ٿري“ سان ڊسٽريبيوشن  جي دنيا ۾ به قدم رکي ڇڏيو. ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ باليووڊ انڊسٽري راڄ ڪندڙ اداڪار سلمان خان ڪيترن ئي فلمن اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ  سان پروڊيوسر به آهي. سلمان خان جي پروڊڪشن هائوس ”سلمان خان فلمز“ جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلمن ۾ بجرنگي ڀائي جان ، هيرو ۽ ٽيوب لائٽ شامل آهن. پر هاڻ دبنگ خان فلم ڊسٽريبيوشن جي دنيا ۾ به قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي شروعات پنهنجي فلم ريس 3 کان ڪندو. فلم ريس 3 ٽپس فلمز ۽ سلمان خان فلمز جي گڏيل بينر هيٺ تيار ٿي رهي آهي، جنهن بعد هاڻ فلم جي ڊسٽريبيوٽر به اهي ٻئي پروڊڪشن هائوس آهن. ان حوالي سان سلمان خان چيو آهي ته هن جو خواب  پنهنجا سينما ٿيٽر ٺاهڻ آهي جنهن لاءِ کيس ڪافي سوچي سمجهي ڪم ڪرڻو پيجي رهيو آهي. هن چيو ته پنهنجا ٿيٽر کولڻ لاءِ ايڪزيبيٽر ۽ ڊسٽريبيوشن جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي پر ريس 3 جو ڊسٽريبيوٽر بڻجي ان حوالي سان پهرين وک کنئي آهي جنهن سان اميد آهي ته منهنجو مقصد پورو ٿي ويندو. ياد رهي ته سلمان خان جي فلم ريس 3 15 جون تي عيد جي موقعي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي ، جنهن جي ٻي ڪاسٽ ۾ هن سان گڏ اداڪار بوبي ديول، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس ۽ ڊيزي شاهه شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے