26 اربع , سيپٽمبر 2018

اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار ٽن سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ چوڌري نثار قومي اسيمبليءَ جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ٻن سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. عام چونڊن 2018ع ۾ حصو وٺڻ لاءِ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار ٽن سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. چوڌري نثار علي قومي اسيمبلي جي تڪ 59 راولپنڊي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن پ پ 10 ۽ 12 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. چوڌري نثار جا نامزدگي ڪاغذ شيخ اسلم ۽ شيخ ساجد جمع ڪرايا ۽ کين پي پي 10 جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال لاءِ 13 جون تي طلب ڪيو ويو آهي. اين اي 59 تان ن ليگ جي انجنيئر قمر الاسلام به چوڌري نثار خلاف نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. اين اي 59 تان تحريڪ انصاف جي غلام سرور خان ۽ پ پ جي چوڌري ڪامران اسلم به اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. چوڌري نثار ۽ نواز شريف ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن ۽ هن پنهنجي هڪ کان وڌيڪ پريس ڪانفرنسز ۽ انٽرويوز ۾ نواز شريف ۽ پارٽي تي تنقيد ڪئي آهي.  هوڏانهن شهباز شريف چوڌري نثار کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے