22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بال ٽيمپرنگ ڪيس ۾ پابندي جو شڪار ڊيوڊ وارنر  هاڻي ڪامنٽري ڪندو

The banned hunters in the banned trekking case will now conduct securityميلبورن(اسپورٽس نيوز) بال ٽيمپرنگ اسڪينڊل ۾ هڪ سال جي پابندي جو شڪار ٿيل آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو نائپ ڪپتان ڊيوڊ وارنر هاڻي ڪامنٽري ڪندو. آسٽريلوي ميڊيا چيو آهي ته پابندي کي منهن ڏيندڙ ڊيوڊ وارنر آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٿيندڙ ون ڊي سريز  دوران ڪامنٽري جا فرض سرانجام ڏيندو. انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 13 ۽ ٻي 16 جون تي کيڏي ويندي ۽ ڊيوڊ وارنر ٻي ون ڊي ميچ کان ڪامنٽري جي شروعات ڪندو. ياد رهي ته بال ٽيمرنگ ڪيس ۾ ڊيوڊ وارنر هڪ سال جي پابندي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر ڊيوڊ وارنر، اسٽيو سمٿ ۽ بين ڪرافٽ کي پريمئير ليگ کيڏڻ جي اجازت اڳ ئي ملي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے