21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اڄ ڪلهه شوبز ۾ ريٽنگ وڌائڻ ۽ پيسو ڪمائڻ وارو سلسلو عروج تي پهتل  آهي: آمنه الياس

Today, there is an increase in rating raising and money-making in Shuboz: Amina Eliasلاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل آمنه الياس چيو آهي ته موجودا دور ۾ شوبز جي مختلف شعبن ۾ ريٽنگ وڌائڻ ۽ پيسو ڪمائڻ وارو رحجان عروج تي پهتل  آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي آمنه الياس چيو ته موجودا دور ۾ شوبز جي مختلف شعبن ۾ ريٽنگ وڌائڻ ۽ پيسو ڪمائڻ وارو سلسلو عروج تي آهي، پر ڪو به ان ڳالهه ڌيان ناهي ڏيندو ته جيڪو ڪم بهتر ۽ معياري هوندو آهي هر ڪوئي هن کي پسند ڪندو آهي. آمنه الياس چيو ته جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ سان سپر اسٽار به ته ڪڏهن نوان فنڪار هوندا، انهن کي به ته ڪنهن نه ڪنهن موقعو ڏنو هوندو،  پر اڃ ڪلهه اڪثريت  نئين ٽيلنٽ کي نه پر تجربيڪار ۽ مشهور فنڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. جيڪو هن جي حساب تي ٺيڪ ناهي، ڇو ته هو سمجهي ٿي ته ناظري سدائين نئين چهري کي ڏسڻ چاهيندا آهن، هڪ طريقي جي اداڪاري ۽ چهرن کي ڏسي ڏسندڙ بور ٿي ويندا آهن، انڪري نوان چهرا پوءِ اهي اداڪاري ۾ هجن يا ٽيڪنيڪي شعبن ۾، پنهنجي خيالن ۽ صلاحيتن جي ذريعي مداحن کي متاثر ڪرڻ ڪامياب ٿيندا آهن.  هڪ سوال جي جواب ۾ آمنه الياس چيو ته هو جڏهن سلور اسڪرين تي اداڪاري جا جوهرڏيکاريا ته هن جو پهريون ئي تجربو شاندار رهيو. ڇو ته فلم ٺاهيندڙن طرفان ملندڙ موٽ اتساهيندڙ هوندي آهي، جن کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان. آمنه الياس چيو ته باليووڊ ورسٽائل اداڪار نصيرالدين شاهه سان ڪم ڪرڻ تي ڪنهن به اعزاز کان گهٽ نه هو. هڪ طرف فلم ۾ ڪم ڪندي جتي ڪافي ڪجهه سکيو ، اتي ئي دنيا ۾ پنهنجي تجربي جي بنياد تي ڪجهه اهڙو ڪم به ڪيو  جنهن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي، انڪري هو سمجهي ٿي ته  نوجوانن کي وڌ کان وڌ موقعا ملڻ گهرجن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے