20 خميس , سيپٽمبر 2018

خديجه ڪيس: چيف جسٽس معاملو آصف سعيد کوسا کي موڪلي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خديجا ڪيس جي جوابدار جي بريت خلاف اپيل جسٽس آصف سعيد کوسا بئنچ کي موڪلي ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ  خديجا ڪيس جي بريت خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شاگردياڻي خديجه صديقي ۽ جوابدار شاهه حسين عدالت ۾ پيش ٿيا. شاگردياڻي خديجه روسٽرم تي اچي عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، عدالت کي درخواست آهي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي. چيف جسٽس خديجه جي معاملي تي هاءِ ڪورٽ بار جي ٺهراءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون کان مٿڀرو ڪير به ناهي، هاڻي ڪابه بيان بازي نه ڪئي ويندي. چيف جسٽس جوابدار جي والد کان پڇاڻو ڪيو ته توهان عدالت خلاف مهم ڪهڙي نموني هلائي، جيڪڏهن ڪنهن وڪيل جي نياڻي سان ايئن ٿي ها ته توهان جو رويو ساڳيو هجي ها. چيف جسٽس ثاقب نثار جوابدار جي بريت خلاف اپيل جسٽس آصف سعيد کوسا کي موڪلي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے