25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪينڊين گلوبل ليگ تي بي يقيني واري صورتحال ڇائنجي وئي

The uncertainty on the Canadian Global League was imposedٽورنٽو(اسپورٽس نيوز) ڪنيڊين گلوبل ليگ تي بيقيني جي صورتحال گهري ٿيڻ لڳي آهي. ايونٽ ۾ باقي ٽه هفتا وڃي بچا آهن، پر ان باوجود اڃان تائين ڪيترائي بنيادي ڪم مڪمل ناهن ٿي سگهيا. ڪجهه عرصو اڳ ڏکڻ آفريڪي گلوبل ٽي 20 ليگ نالي ايونٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو  ويو هو پر شروعات کان اڳ ئي ان منصوبي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. هاڻ ڪينڊا ۾ پڻ گلوبل ٽي 20 ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين بنيادي انتظام مڪمل ناهن ٿي سگهيا جنهن سبب ايونٽ تي بيقيني واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي، ٽورنامنٽ ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي سان خاص ڳالهه اها آهي ته هن ايونٽ ۾ بال ٽمپرنگ اسڪينڊل ۾ پابندي جو شڪار ٿيندڙ اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ  ۽ اوپنر ڊيوڊ وارنر پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. آسٽريليا جي ئي هڪ ميڊيا گروپ جي رپورٽ موجب 18 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ايونٽ لاءِ  رانديگرن جو وڌ کان وڌ معاضو هڪ لک ڊالرن تائين مقرر ڪيو ويو آهي، هن ايونٽ ۾شاهد خان آفريدي، ڪرس  گيل، لاسٿ ملنگا، آنڊري رسل سميت ڪيترن ئي عالمي ڪرڪيٽرن حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. سيڙپڪارن 10 کان 20 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو  ۽ کين ٻڌايو ويو آهي ته پهرين سال ڪنهن به مافعي جو امڪان به ناهي، اڃان تائين ميپل ليف ڪرڪيٽ ڪلب گرائونڊ م 7 هزار تماشائين جي گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ عارضي اسٽينڊ ناهن لڳايا ويا، سمورين 22 ميچون هڪ ئي ميدان تي کيڏيون وينديون جنهن لاءِ 5 وڪيٽون تيار ڪيون پيون وڃن. امڪان آهي ته هتي رڳو اسپنر جو راڄ هوندو. هڪ سينيئر آفيشل جي طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايونٽ ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي پئي وڃي پر اڃان تائين ڪنهن براڊ ڪاسٽر سان ڪو به معاهدو ناهي ڪيو ويو. آسٽريلوي ميڊيا موجب آخري اطلاعن تائين رانديگرن ڏانهن ڪنٽريڪٽ پيپر پڻ ناهن موڪليا ويا ، ليگ جي ويب سائٽ تي هڪ ڏينهن اڳ تائين ٽڪيٽن جي باري ۾ ڪا به تفصيل موجود نه هئي. ياد رهي ته ان کان اڳ 2012 ۾ ٽورنٽو ۾ هڪ آ سٽارز گيم ۾ رانديگرن معاضو نه ملڻ جي شڪايت ڪئي هئي، شاهد آفريدي سميت 6 پاڪستاني رانديگرن ايونٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ان تان هٿ کڻي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rohit Sharma completed seven wickets in one-day international cricket match

روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ  ۾ ست هزار رنسون مڪمل  ڪري ورتيون

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي وقتي ڪپتان ۽ اوپنگ بيٽسمين روهت شرما …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے