25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

صنعتي انقلاب، سرمائيداري استحصالي معاشي بنياد ۽ سوويت سوشلسٽ ”سياسي“ انقلاب

پريم مٿراڻي

تعارف: ڪائناتي نظام مادو-زمان-مڪان (Matter-Space-Time) جي اڻڳڻت، وچڙيل سطحن ۽ پاسن (Levels-Sides) جو محدود-لامحدود (Finite-Infinite) ۽ مسلسل-مبهم (Continuous-Discrete) متحرڪ تسلسل آهن_ اهڙي ريت مادو (Matter)، ڪائناتي نظامن جو بنياد (Base) آهي ۽ زمان-مڪان (Space-Time) انجي غيربنيادي مهااڏاوت (Superstructure) واري سطح جي جوڙجڪ ڪن ٿا_ ساڳي طرح معيشيت سماجي نظامن جو بنياد (Economic Base) آهي ۽ سياست انجي غيربنيادي، مهااڏاوت (Political Superstructure) واري سطح جي جوڙجڪ ڪري ٿي_ معيشيت ۽ سياست (Economics-Politics)، سماجي نظامن جون قطبي ابتڙ (Polar Opposite) سطحون آهن جيڪي جمهوري-غيرجمهوري (Democratic-Nondemocratic) طريقيڪار (Phenomenon) ۾، قومي ثقافتي تاريخ (National-Cultural History) جو جوهر (Essence) رکنديون آهن_ معيشيت، سياست ۽ ثقافت جو هڪٻئي سان لاڳاپو، تاريخي ۽ قومي (Historical-National) هوندو آهي جيڪو ماڻهن جي طبقاتي-غيرطبقاتي (Class-Nonclass) شرڪت واري جمهوري-غيرجمهوري طريقيڪار هيٺ مسلسل-غيرمسلسل تحرڪ جو تسلسل هوندو آهي ۽ هيٺ ڏنل قومي-ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا پيدا ڪندو آهي:

1_سماجي نظام جون قطبي ابتڙ (Polar Opposite) سطحون: سياست-معيشيت (Economics-Politics)

2_سماجي نظام جا پاساوان ابتڙ (Side-Opposites): ثقافت-جاگرافيائي حدون (Culture-Geographical Boundaries)

3_معيشيت جو ثقافتي-جاگرافيائي لاڳاپو: قومي معيشيت (National Economy)

4_سياست جو ثقافتي-جاگرافيائي لاڳاپو: قومي سياست (National Politics)

5_قومي معيشيت ۾ ماڻهن جي گڏيل شرڪت: قومي معيشيت جو عوامي جمهوري طريقيڪار (Democratic Economic Process)

6_قومي معيشيت تي ٿورڙن ماڻهن جي هڪهٽي: قومي معيشيت جو غيرجمهوري طبقاتي طريقيڪار (Nondemocratic Economic Process)

7_قومي سياست ۾ ماڻهن جي گڏيل شرڪت: قومي سياست جو عوامي جمهوري طريقيڪار (Political Democratic Process)

8_قومي سياست تي ٿورڙن ماڻهن جي هڪهٽي: قومي سياست جو غيرجمهوري طريقيڪار (Nondemocratic Political Process)

9_ قومي سياسي معاشي نظام جو رياستي لفافو (State Superstructure)، قومن جو خودارادي-جبري (Self Determination-Nonself Determination) الحاق (Union) هجي ٿو_ قانونساز ادارا (Parliament)، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا (Courts) ۽ دفاعي ادارا (Defence Institution) رياستي ڍانچي (State) جي تشڪيل ڪن ٿا_ اهڙي ريت رياستي ڍانچي ۾ قومن جو تاريخي براعظمي (National-Continental) وجود، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي سطحن ۽ پاسن تي متحرڪ رهي ٿو_

سماجي تبديلي جو جھڪاءُ (Tendency of Social Change)

”تبديلي“ جي معني ”تاريخي سماجي ارتقائي-انقلابي تبديلي“ جي آهي_ سماجي سرشتي جي مٿي پيش ڪيل مختلف ”پاسن ۽ سطحن“ جي ابتڙ ڳانڍاپن کي سمجھڻ کانپوءِ اهو سمجھڻ ڏکيو نه آهي ته معاشي بنياد جي سطح تي آيل سماجي تبديلي جو عمل، بنيادي تبديلين جو ڪارڻ ثابت ٿئي ٿو_ غيربنيادي، سياسي سطح تي آيل تبديليون، ضروري نه آهي ته بنيادي سطح تي به تبديلين جو ڪارڻ بڻجن_ مثال رڳو سياسي تبديلي سان، ماڻهن جي غربت مان جند نٿي ڇڏائي سگھجي جيستائين سياسي تبديلي، معاشي تبديلين جي مرتڪب نٿي ٿئي؛ ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ خوشحالي صرف ۽ صرف معاشي تبديلي سان ئي ممڪن آهي_ پاڪستان، هندوستان سميت سڄي دنيا غربت ۽ بدحالي جو شڪار انڪري نه آهي ته اتي سياسي تبديليون يا سياسي جمهوري عمل ته آهي _ پر اتي ماڻهن جي غربت واري حالت خوشحالي ۾ انڪري نٿي بدلجي ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن ۾، سياسي سطح تي چوندجي آيل سموريون جمهوري حڪومتون، مٿين طبقي جي معاشي مفادن جو تحفظ ڪندي، اهڙيون معاشي تبديلون آڻڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن سان ماڻهن جي زندگي ۾ خوشحالي اچي_ سياسي ۽ معاشي تبديلي جو ارتقائي انقلابي طريقيڪار اڃان به گھڻو پيچيدو ۽ اڙانگو هجي ٿو_ معاشي بنيادن ۾ ايندڙ تبديلي، خود پنهنجو پاڻ منجھان پيدا ٿي سگھي ٿي ته سياسي سرشتي ۾ تبديلي ذريعي مڙهيل معاشي تبديلين جو ردعمل به ٿي سگھي ٿي_ تبديلي جو عمل، سماجي سرشتي جي سمورين سطحن ۽ پاسن تي،  انقلابي به ٿي سگھي ٿو ۽ ارتقائي به ٿي سگھي ٿو ۽ ساڳي وقت ارتقائي-انقلابي به ٿي سگهي ٿو_ هتي هي ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته سماجي معاشي بنيادن ۾ آيل تبديلي، سياست ۾ انقلابي تبديلي جو ڪارڻ بڻجي ٿي پر سياسي تبديلي (Political Change)، سماجي انقلابي تبديلي جو ڪارڻ تڏهن بڻجي سگھي ٿي جڏهن اهڙي تبديلي معاشي بنيادن ۾ اهڙي جٽادار تبديليون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي جيڪي ماڻهن ۾ مستقل مڃتا (Peoples Acceptance) حاصل ڪري سگھن_ تنهنجيڪري:

1_سماجي تبديلي جو ”معيشيت کان سياست ڏانهن“ تبديلي وارو جھڪاءُ (Economic Tendency of Change) ارتقائي ۽ دائمي (Evolution-Permanent) هجي ٿو ۽ سماجي انقلاب جي شڪل اختيار ڪري ٿو_

2_سماجي تبديلي جو ”سياست کان معيشيت“ ڏانهن تبديلي وارو جھڪاءُ (Political Tendency of Change) غير ارتقائي (Non-Evolutionary) ۽ عارضي هجي ٿو جيڪو عوامي مڃتا مطابق،  دائمي ۽ جٽادار، ارتقائي معاشي تبديلين جو گھرجائو هجي ٿو ۽ موٽ ۾ مسلسل سياسي تبديلي جو مرتڪب ٿئي ٿو_

صنعتي انقلاب اڳيان ٻه رستا؛ سرمائيداري يا سوشلزم

سماجي تبديلي جو ارتقائي انقلابي عمل، ”مسلسل-مبهم“ جي ڪسوٽي تي متحرڪ رهي ٿو ۽ گھڻ امڪاني (Multi Chance/Way) هجي ٿو_ سماجي سرشتي جي اهڙي طريقيڪار کي سمجھڻ لاءِ، انساني سماجي تاريخ جي ٻن وڏين سياسي-معاشي ارتقائي-انقلابي تبديلين جو جائزو وٺي سگھجي ٿو:

1_ صنعتي انقلاب (Industrial Revolution)

2_ سوشلسٽ انقلاب (Socialist Revolution)

يورپ ۾ سورهين ۽ سترهين صدي دوران ايندڙ صنعتي انقلاب، سماجي سرشتي جي بنياد يعني معاشي سطح تي برپا ٿيو جنهن يورپ سميت سڄي دنيا جي سياسي وايو منڊل (Political Superstructure) ۾ انقلاب درانقلاب، تبديلين جو تسلسل برپا ڪري ڇڏيو_ صنعتي معاشي انقلاب جي  برپا ٿيڻ جا مڪان (Space for Economic Revolution) ڪاروباري، واپاري، تجارتي، خدمتي، مالياتي، انتظامي ادارا ۽ ڪارخانا وغيره هئا_ سماجي سرشتي جي معاشي  بنيادن (Economic Base) ۾ آيل صنعتي انقلاب، ماڻهن جي گڏيل شعوري-جسماني پورهيي جو حاصل نتيجو هو_ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو انقلاب جيڪو 2000 هزارن سالن کان، انتهائي سست رفتاري سان ارتقائي وکون وڌائيندي، ان وقت سماجي انقلاب جي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪو هو_ سائنسي نظريا ايجاد جي حقيقت ۾ منتقل ٿي رهيا هئا_ 1770 ڌاري، اسڪاٽ ليند جي جيمس واٽ (James Watt: 1736-1819) پنهنجي واپاري ڀائيوار بئولٽن (Boulton) جي سيڙهپ سان  ”نيوڪومين هوائي داٻ انجڻ“ ۾ وڌيڪ سڌارا آندا ۽ جان وِلڪنسَن (John Wilkinson) جي مدد سان ٺاهيل ”واٽ ٻاڦ جي انجڻ“  (Watt Steam Engine) کي 1776 ۾ ڪاروباري مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو_ ان وقت سرمائيداري طبقي طرفان وڏي پيماني تي مشين ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙهپ ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ نئين مشيني ايجاد جي استعمال جا سو سيڪڙو حق محفوظ (Patents Rights) ڪيا ويندا هئا_ اهڙي ريت مشيني ايجاد سان گڏ، ان تي، سرمائيداري بالادستي (Capitalist Control) ذريعي، بدترين معاشي آمريت قائم ڪئي ويندي هئي_ ايجادن (Invention) جي رفتار ايتري ته تيز هئي جو ٻاڦ جي انجڻ جي ايجاد جي 100 سالن اندر ئي خودڪار مشينن جو دور، يورپ ۽ آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾، سماجي معاشي سرشتي جي شڪل ئي ڦيرائي چڪو هو_ ستت ئي مال برداري جي وسيلن جهڙوڪ: ريل گاڏين، پاڻي جي جهازن ۽  ڪارخانن ۾ مشينن جو ٻاڦ جي انجڻ تي منتقل ٿي وڃڻ سان ٽئڪنالاجي جي ترقي ۽ سماجي پيداواري عمل ۾ انقلاب، هڪ طرف انسان ذات لاءِ خوشحالي ۽ زندگي گذارڻ جي نئين طرز عمل جو خواب کڻي آيو ته ٻي پاسي سرمائيداري پنهنجي استحصالي فطرت ساڻ، پيداواري واڌ جي شرح ۾ ڇڙواڳ تيزي آڻي، منافعي ڪمائڻ واري طبقاتي سماجي معاشي استحصالي ڳانڍاپن سان ليس ٿي، اڻويهين صدي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڳواٽ تيار ٿيو بيٺي هئي_اڳي ماڻهن جي ٿورائي تي مشتمل مٿيون طبقو، گھڻائي جو استحصال ڪندو هو؛ هاڻ ساڳيو طبقو، ٽيڪنالاجي سان ليس ٿي، ماڻهن جي گھڻائي جو، هزارين ڀيرا وڌيڪ شدت سان استحصال ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو هو_

صنعتي انقلاب جي برپا ٿيڻ سان، جتي، عالمي بيٺڪي راڄ جي سياسي ڍهانچي ۾ ڏار پئجي چڪا هئا, اتي بيٺڪي راڄ واري سامراجيت، صنعتي ٽئڪنالاجي تائين پهچ حاصل ڪندي،  جديد اقتصادي ڦرلٽ ذريعي، عالمي سرمائيداري سامراجيت (Imperialism)  ۾ منتقل ٿيڻ جا، سمورا اقتصادي بنياد (Economic Base) پڻ پيدا ڪري چڪي هئي_ اهڙي صورت ۾ هڪ پاسي، اڀرندڙ سرمائيداري، جديد ٽئڪناليجي صنعتي پيداواري قوتن تي، معاشي-سياسي هڪهٽي قائم ڪندي، گردشي سرمائي (Circulation of Capital) جا نوان قومي جاگرافيائي (Geographic Occupancy) محور ۽ مرڪز اڏي رهي هئي ته ٻي پاسي، پورهيت نظريو استحصالي سرمائيداري ڳانڍاپي جي استحصالي فطرت کي وائکو ڪندي، سماجوادي پورهيت انقلاب جا سياسي رستا () ڳولهي رهيو هو_ ظاهر آهي ته پيداواري قوتن ۽ ڳانڍاپن ۾ تبديلي اچڻ سان، انهن جي بنياد تي بيٺل، سياسي سرشتي (Political Superstructure) ۾ تبديلي جوبرپا ٿيڻ اڻٽر هو_ اهڙي ريت، صنعتي انقلاب اڳيان سماجي تبديلي جا ٻه رستا موجود هئا:

1_ هڪ؛ قديم استحصالي جاگيرداري طبقاتي سرشتي جي سرمائيداري استحصالي طبقاتي نظام ۾ منتقلي، جنهن سان مٿيون سرمائيدار ۽ انجو جوڙيوال حڪمران طبقو سموري انسانذات کي ”ملازم مخلوق“ بڻائي پورهيي جو ڀوائتو استحصال ڪري سگھي_ اهڙي نظام هيٺ، انسانذات جي خوشحالي، امن ۽ ترقي وارو خواب پورو ٿيڻ ناممڪن هو_

2_ ٻيو؛ صنعتي انقلاب جو، سڌو، سماجوادي سوشلسٽ نظام ۾ منتقل ٿيڻ،  جنهن ۾ انسان پنهنجي سماجي معاشي خوشحالي، سياسي آزادي، پرامن ۽ برابري وارو سماجي نظام قائم ڪري سگھي_

اتي اسان چئي سگھون ٿا ته انساني تاريخ، سماجي نظام جي چونڊ جي ٻنهن رستن تي، فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي هئي_

سرمائيداري جو نئون براعظمي مرڪز، ”آمريڪا“

اڻويهين صدي جي پڇاڙي تائين، يورپ جي طاقتور ملڪن جهڙوڪ برطانيه، فرانس، جرمني ۽ اٽلي وغيره جي گھرو پيداوار (Domestic Production) جي انگن اکرن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته يورپ جون وڏيون طاقتون، قومي_رياستي (Nation-State) سطح تي، اڀرندڙ صنعتي انقلاب مان سندن پيداواري قوت ۾، جنهن رفتار سان واڌارو ڪري رهيون هيون، اها آمريڪا جي گهرو پيداوار ۾ واڌاري جي شرح (Rate of Growth) کان تمام گھڻا ڀيرا گھٽ هئي_ 1820 ۾ آمريڪا جي گھرو پيداوار، برطانيه جي گھرو پيداوار جي ٽين پتي جي برابر هئي، جيڪا 1910 ڌاري برطانيه جي گھرو پيداوار کان، ٻيڻ کان به مٿي وڌي وئي_ انجو سبب خاص طرح يورپ مان آمريڪا ۾، تيزي سان وڌندڙ آبادڪاري (Settlement) جو سلسلو هو_  1820 ۾ آمريڪا جي آبادي هڪ ڪروڙ هئي جيڪا ايندڙ هڪ سو سالن کانپوءِ يعني 1920 تائين ڏهه ڪروڙ کان به مٿي وڌي وئي هئي_ اهڙي ريت سورهين صدي کان وٺي، مسلسل ٽي صديون، سرمائيداري، جديد ٽيڪنالاجي تي بالادستي قائم ڪندي، پنهنجا استحصالي معاشي بنياد مضبوط ڪندي، نئين ڳولهيل، براعظم آمريڪا تي والار ڪري، پنهنجي لاءِ نئين سامراجي مرڪز جي چونڊ ڪري چڪي هئي_ نوان ڄاول يورپي-آمريڪي  بالادست، حاڪم ۽ استحصالي طبقا، ويهين صدي ۾ داخل ٿيندي ئي، پنهنجي نئين ”سرمائيداري سامراجي براعظمي مرڪز“ تي، صنعتي انقلاب کي سرمائيداري انقلاب ۾ منتقل ڪرڻ جا، سگھارا معاشي بنياد قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا هئا ۽ سڄي دنيا تي آمريڪي سرمائيداري سامراجيت مڙهڻ جا خاب ڏسي رهيا هئا_

”ڪمزور“ معاشي بنيادن تي بيٺل سوويت سوشلسٽ انقلاب

ويهين صدي جي شروعات ۾، سياسي سطح تي، روس ۾ سوشلسٽ انقلاب جنم وٺي چڪو هو_ سوويت يونين ۾ تازو ڄاول سياسي سوشلزم (Political Socialism)، اڃان پنهنجا سوشلسٽ معاشي بنياد (Economic Base) قائم ڪرڻ لاءِ، سياسي سطح تي، آئين سازي (Constitution) جي عمل مان گذري رهيو هو ته ٻئي طرف نئين براعظمي پٽ آمريڪا جي سرمائيداري والار سان، صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ جديديد ٽيڪنالاجي جي استحصال کان سرمائيداري کي روڪڻ لاءِ، ”سياسي سوشلزم“ جو جيتوڻيڪ جنم ٿي چڪو هو پر اهو ”سياسي انقلاب“ (Political Revolution) ”معاشي سطح“ تي، اڃان ”بي بنيادو“ (Baseless) هو_  سماجي سرشتي جو بنياد ڇاڪاڻ ته معيشيت آهي تنهنجيڪري سوشلزم جو بنياد به سوشلسٽ معيشيت آهي_ سوويت يونين ۾ آيل سوشلسٽ انقلاب جا ڪي به سوشلسٽ معاشي بنياد نه هئا_ اهڙو انقلاب سياسي پسمنظر ۾ لاڳو ٿيو هو جنهن کي پنهنجا معاشي بنياد قائم ڪرڻا هئا_ لينن (Lenin) جي اڳواڻي ۾ انقلاب جي نمايندگي ڪندڙ ڪانگريس، ان مسئلي کان چڱي ريت واقف هئي_ 10 جولاءِ 1918 تي روسي سوويتن جي 5 ڪانگريس (5th congress) ۾ پاس ٿيل ۽ لاڳو ٿيل، پهرين سوشلسٽ آئين (Constitution- Fundamental Law) ۾ ئي، آزاد معيشت کي سوشلسٽ سرشتي جو بنياد قرار ڏنو ويو هو ۽ آئين جي پهرين آرٽيڪل جي باب ٻي (Chapter 2) ۾ ماڻهو جو ماڻهون کا استحصال (Abolition of exploitation of men by men)، ماڻهن جي درميان طبقن جو خاتمو (Abolition of division of people into classes)، استحصال ڪندڙن جو خاتمو (Suppression of Exploiters)، سوشلسٽ سماج جي اڏاوت ۽ سوشلزم جي ڪاميابي جو ورجاءُ ڪندي سموري زمين، مال، ۽ ملڪيت (Land and Private Property) کي قومي تحويل (National Property) ۾ وٺڻ جو قانون پاس ڪيو ويو_ آرٽيڪل 1، چيپٽر  2(Chapter 2) جي (a) (b) (c) (d) ۾، بنيادي حقن طور مڃتا ڏيئي، اهڙا قانون پاس ڪري سوشلسٽ آئين جوڙيو ويو_

هتي سرمائيداري نظام ۽ سوشلسٽ نظام جي ڀيٽ ڪجي ته جيئن اسان اڳ ۾ ٻڌايو ته ويهين صدي جي شروعات ۾ سوشلسٽ انقلاب جا ڪي به معاشي بنياد نه هئا_ اهو انقلاب خالص بي بنيادو، ”سياسي انقلاب“ هو جنهنجا معاشي بنياد، سياسي آئيني پاسداري ذريعي، استحصالي نظام ختم ڪري، نئين نظام طور لاڳو ڪيا ويا هئا_ سوشلسٽ انقلاب لاءِ ضروري هو ته هڪ ڀيرو سمورا سياسي ۽ معاشي اختيار ۽ وسيلا قومي تحويل ۾ وٺڻ کانپوءِ، ٻيهر اختيارن ۽ وسيلن جي، ماڻهن ڏانهن منتقلي ٿئي_ ملڪيت جو تصور (Concept of Property) ته ملڪيت ئي آهي پوءِ اها ذاتي (Private Property) هجي يا قوميائل (Nationalized Property) هجي_ ٻي پاسي، سرمائيداري انقلاب جا بنياد خالص معاشي هئا ڇاڪاڻ ته ان انقلاب جي شروعات ئي ڪاروباري، تجارتي، واپاري، مالياتي ۽ خدمتي ادارن کان ٿي هئي_ تنهنجيڪري سگھارا معاشي بنياد هجڻ جي ڪري، سرمائيداري سرشتي جو جٽاءُ ڪري وڃڻ فطري عمل هو_ اهڙي ريت اسان ڏسي سگھون ٿا ته سرمائيداري انقلاب جو جھڪاءُ ”معيشيت کان سياست“ ڏي راغب هو_ جڏهن ته سوشلسٽ انقلاب جو جھڪاءُ (Tendency of Revolution) ”سياست کان معيشيت“ ڏي راغب هو_ سوشلسٽ انقلاب لاءِ سرمائيداري انقلاب واڱر، ڪاروباري، تجارتي، واپاري، مالياتي ۽ خدمتي ادارن ۾ ئي پنهنجو حقيقي معاشي بنياد قائم ڪرڻ لازمي گھربل هو_ رڳو ملڪيت کي قوميائڻ سان سوشلسٽ انقلاب جو اچي وڃڻ ممڪن نه هو_ سوشلسٽ انقلاب جو حقيقي تصور به اهو ئي آهي ته ذاتي ملڪيت منجھان استحصالي پيداواري طريقيڪار جو خاتمو آڻي، انکي قومي علاقائي خوشحالي لاءِ ڪم ڪندڙ پيداواري وسيلي ۾ منتقل ڪري، انکي واپس ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏجي_ (ايندڙ مضمونن ۾ سوويت يونين جي سوشلسٽ آئين جي ڪمزورين جو تفصيل سان جائزو ورتو ويندو)_

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے