18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ملڪي تاريخ جو اهم موڙ!

مهتاب اڪبر راشدي

مئي ۽ جون جا مهينا ته سفر ۾ ئي گذري ويا، مئي جو پويون اڌ ۽ جون جا پهريان ڇهه ڏينهن نيپال، لنڊن، بئنڪاڪ ۽ ڍاڪا جي بلي ٿي ويا، ڏکڻ ايشيا جي اٺن ملڪن جي سربراهي ڪرڻ جي حوالي سان سندن ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي چيئرپرسن هئڻ جي ڪري سال ۾ ٻه دفعا لنڊن ۾ جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ شموليت ڪرڻي پوندي آهي، ۽ ان کان پوءِ لاڳاپيل ملڪن جي معاملن جي سلسلي ۾ رٿيل گڏجاڻين ۾ شرڪت به ضرور ٿيو پوي، انهن ميٽنگن جي هلندي پنهنجي ملڪ ۾ حڪومتن پنهنجو پنجن سالن جو مدو پورو ڪيو، سڀني صوبن ۽ وفاقي حڪومت پنهنجون بجيٽون پاس ڪرائي انتظامي معاملا عبوري حڪومتن جي حوالي ڪيا. وفاقي حڪومت ۽ صوبن ۾ قائم ڪيل نگران حڪومت ۽ ان ۾ کنيل سربراهه ۽ انهن جون ڪابينائون تعريف ۽ تنقيد ۽ بحث هيٺ آيل آهن، ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون پنهنجي مرضيءَ جي انتظاميا حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ ۾ پوريون آهن، ڪٿي راضي ته ڪٿي ناراض، سنڌ ۾ نگران حڪومت لاءِ شروعاتي ڏينهن ۾ ميڊيا ۾ ايندڙ نالا ڏسي ته پرديس ۾ ويٺي ويٺي مان ته پريشان پئي ٿيس. شروعاتي لسٽن مطابق، جي حڪومت اها ٺهڻي هئي ته بس پوءِ ته وڃي ٿين ها ست خير!. پوءِ ”نگران“ حڪومت جي نالي 17 رڪني پيپلز پارٽي پارٽ ٽو واري ڪابينا مان الائي ڪيئن جند ڇٽي؟.

فضل الرحمان صاحب جيڪو سنڌ جو چيف سيڪريٽري رهي چڪو آهي، جيڪو ڏٺو وائٺو پيپلز پارٽيءَ جو همدرد ئي سمجهيو ويندو رهيو آهي، اهو ئي سبب هو جو شروعاتي ڏينهن ۾ ذوالفقار آباد واري رٿا جي سربراهي به فضل الرحمان صاحب جي حوالي ڪئي وئي هئي، ان ڪري اهي تعلقات ۽ همدرديون ڪيڏانهن وينديون پر عين وقت تي ستن اٺن متوازن ۽ چڱي ساک رکندڙ فردن تي ٻڌل ڪابينا جي قسم کڻن کان پوءِ اهو اندازو ٿيو ته اهو فيصلو پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل صلاح مشوري جي نتيجي ۾ هرگز ٿيل ناهي، بلڪه ڏوريون ڪٿان ٻي هنڌان هلايل ٿيون لڳن.

مون جهڙي نموني ملڪي سطح تي سياسي چالون هلندي ۽ رنگ بدلجندي ڏٺا، سا صورتحال ڪيڏي مهل انتهائي مايوس ڪندڙ ته ڪيڏي مهل انتهائي غيرسنجيده نظر پئي آئي. قومي سطح تي ائين پيو نظر اچي ته نواز ليگ پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سامهون سواءِ تحريڪ انصاف جي نه ٻي ڪا پارٽي آهي، جنهن جو پير کوڙي مقابلو ڪن. ان ڪري قومي اسيمبلي کان وٺي باقي سڀني صوبن ۾ به اهي سڀ پارٽيون هڪ طرف ته تحريڪ انصاف ٻئي طرف انهن سان مدمقابل آهي.

مايوسي جو سبب اليڪشن ڪميشن جا اهي تڪڙا حڪمناما هئا جيڪي ايندڙ چونڊن جي تياريءَ جي نتيجي ۾ وقت به وقت جاري ڪيا پيا وڃن، منهنجي نظر ۾ پنجن سالن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن لاءِ ان کان به وڌيڪ تياري ۽ غيرمعمولي قدم کڻڻ جي ضرورت هئي، سڀ کان پهرين ته اليڪشن جي طريقي ڪار ۾ سڌارن جي گهڻي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، 2013ع وارين چونڊن ۾ ٿيل شاندار ڌانڌلين جا ڪيئي نمونا اسان جي سسٽم ۾ موجود رهيا، جن ڳالهين تي اعتراض ڪيو ويو، اهي اعتراض ته دور نه ٿي سگهيا آهن ته پوءِ چونڊن جي غير جانبدار ٿيڻ تي شڪ شبها ته جاري رهندا. جي چونڊون اهڙي نموني ساڳي ئي تڪراري سسٽم تحت ٿيون ته حالتن ۾ تبديلي ڪهڙي ايندي؟. حڪومت جي مدي پوري ڪرڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي ڊبل ڊيوٽي شروع ٿي وئي آهي، رڪارڊ وقت ۾ چونڊن ٿيڻ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ روزانو نوان حڪم جاري پيا ٿين. چونڊن ۾ حصي وٺڻ وارن لاءِ امتحان شروع ٿي ويو آهي، لڳي ته ايئن ٿو ته سياسي پارٽيون به ايتري وڏي مشق لاءِ تيار ئي ناهن. سندن هر ڪارڪن چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ تيار آهي پر پارٽي ٽڪيٽ ڪنهن ئي ٿي ڏئي؟ سو وري پارٽي جي مٿي جو سور آهي.

تحريڪ انصاف پهرين پارٽي آهي جنهن سڄي ملڪ مان پنهنجي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ اميدوار خوش ته نه ملندڙ مايوس! ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته ايندڙ چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جو هڪ وڏو انگ چونڊون وڙهندو، اهو لقاءُ هڪ پارٽيءَ سان ناهي پر هر پارٽيءَ مان ناراض ۽ دلبرداشته ڪارڪن، پنهنجون راهون ڌار ڪندا پيا وڃن.

پيپلز پارٽي جا پير پنجاب ۾ ته ڪهڙا کُپندا، پر سنڌ ۾ به پنهنجن ئي جيالن طرفان هلڪي ڦلڪي بغاوت جا آثار نظر پيا اچن، تازين خبرن موجب ڪيترائي ”گهڻ گهريا“ گهربل توجهه ۽ سيٽ نه ملڻ سبب اجلاسن مان واڪ آئوٽ ڪندي نظر آيا.

ٻين پارٽين مان نڪري پيپلز پارٽيءَ جي ”ڇانوَ“ ۾ اچڻ وارا به پريشان آهن ته جدي پشتي پنهنجون سيٽون سنڀالڻ وارا به فڪرمند، Elect able   به مال متاع ڪڇ ۾ کنيون پارٽي ٽڪيٽون ملڻ جا منتظر آهن ته (نئين) پيپلز پارٽي جا نوان عهديدار ”پراڻن“ وفادارن ۽ جيالن کي ڌڪو ڏئي پنهنجي جاءِ پڪي ڪري اڳتي تيارين ۾ آهن، ان طريقي ڪار اندر ئي اندر هنگاما خيز صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.

پارٽين جا اندروني اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر چونڊن کي شفاف ۽ غير تڪراري بڻائڻ لاءِ جتي اليڪشن ڪميشن جا جاري ڪيل فارم تفصيلي معلومات گهرن ٿا، اتي سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل حلف نامي تحت گهربل معلومات ڏيڻ لاءِ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي منجهائي رکيو آهي، پر ان ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلو ”وقت گهٽ، مقابلو سخت“ جهڙو مسئلو آهي، جنهن تحت گهربل معلومات ڏيڻ لاءِ گهربل معلومات دستاويزن سميت ڏيڻ لاءِ درڪار وقت گهٽ ٿو نظر اچي، الائي ڪيترا اميدوار اهو ڏکيو امتحان پاس ڪري سگهندا. مٿان وري رمضان شريف جو متبرڪ ۽ عبادتن جو مهينو، موسم جون سختيون ۽ سامهون نظر ايندڙ عيد، ان جون تياريون ۽ خريداري، مطلب ته مئي، جون ۽ جولاءِ ملڪي معاملن، چونڊن ۽ چونڊن ذريعي بدلجندڙ سياسي صورتحال ۾ وڏي اهميت جوڳا آهن.

مان پنهنجي ان سوچ تي قائم آهيان ته سڀني سياسي پارٽين، جهڙي حڪمراني ڪري ڏيکاري آهي ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ جهڙي نموني وسيلن جي لٽ مار واري ايجنڊا تي عمل ڪيو، تنهن ۾ ملوث سفيد پوش ٺڳ ۽ چور قانون جي دائري ۾ نه اچي سگهيا آهن، لڳي ٿو ته نواز شريف جا ته ڪي ستارا خراب هئا جو پاناما ۽ پوءِ اقامي واري معاملي ۾ ڦاسي پيو، نه ته ان جهڙن ڪيترن معاملن ۾ ته سنڌ صوبي جي مقبول ۽ عوام جي ”امنگن“ جي ترجمان پارٽي جا سربراهه ۽ انهن جا ڪيترائي حواري اهڙن معاملن ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل آهن، انهن جا ڪارناما به عالم آشڪار آهن پر قانون جي وڪڙ کان اڃا بچيل آهن، جي اهي ايئن ئي بچيل ۽ سوڙهي گهٽيءَ مان نڪري وڃڻ ۾ ڪاماب ٿي ويا ته پوءِ ”جمهوريت“ ته برابر زنده باد ٿيندي پر چور، ٺڳ ۽ شاطر ۽ سياست کي ڪاروبار بڻائڻ وارن لاءِ ميدان وڌيڪ صاف ۽ هموار ٿيندو.

پر قانون جي پڪڙ ته ٿيڻ کپي، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ طرفان نڪتل نوان حلف ناما به ڪٿي نه ڪٿي ته دنگ ڪندا، ملڪ ۾ صاف سٿري سياست ۽ انصاف تي ٻڌل سرشتي ۽ نظام کي جوڙڻ سولو ناهي ۽ نه ئي انسان دوست معاشرا ايتري سولائي سان وجود ۾ ايندا آهن، چونڊن جي چهچٽي ۾ عام ماڻهو پنهنجن مسئلن ۽ مصيبتن سميت ڪٿي پٺيان رهجي ويو آهي، هو ووٽ جي ڳڻپ ۾ ته شامل آهي پر ان جي لاڀ ۾ حصيدار بلڪل ناهي، ان عوام جو ڪو اوهي واهي نظر نه ٿو اچي، في الحال ته ان لاءِ ڪو نعرو به نه جڙي سگهيو آهي.

سياسي پارٽين جي جوڙ توڙي، نظرين جي کوٽ، مستقبل جي فڪر کان وانجهي سوچ، هڪڙي بس مان لهي، ٻي ويگن ۾ ٽپو ڏئي ويهڻ جا ڪئي منظرناما اسان جي سامهون آهن، پاڪستان 2018 ۾ ٿيڻ واري هن عجيب ۽ غريب چونڊن مان پار پئجي به ويندو پر پوءِ جي صورتحال واضح نه ٿي سُجهي. تيزيءَ سان بدلجندڙ بين الاقوامي صورتحال سرحدن تي برقرار خدشا ۽ سفارتڪاري جي منظر ۾ پاڪستان جو ڪٿي به نظر نه اچڻ هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جنهن جو سڄو دارومدار ايندڙ حڪومت تي آهي. ان وچ ۾ سنڌ پنهنجي ڊگهي سياست جو هڪ اڻ ٿڪ سپاهي کان محروم ٿي چڪي آهي. محترم رسول بخش پليجو، عوامي تحريڪ جو روح روان به سنڌ جي متحرڪه پر بيچين سياست کي به ڪنهن دڳ لائڻ بنا، پنهنجي سوچ، تصور ۽ فڪر کي پنهنجن پوئلڳن حوالي ڪري سنڌ جي مٽي مٿان وجهي، هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو. رسول بخش پليجو شايد سنڌ جي يگانن ڪردارن مان آخري ڪردار هيو جنهن هتي جي سياست ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هن شخص جو سڀ کان وڏو هٿيار هن جي ذهانت ۽ تاريخ جو گهرو ادراڪ هيو. هن وٽ اظهار جو مضبوط ۽ پرڪشش ڍنگ هو، هزارن جي مجموعي کي پنهنجن لفظن جي سحر ۾ گرفتار ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ هنن جي ذهنن کي متوجهه ۽ گرفتار رکڻ جو گرو هيو. اهو سڀ ڪجهه ان بيپناهه مطالعي سبب هو، جيڪو هن جو وڏي ۾ وڏو هٿيار هو، شاهه جو شارح، اياز جو حافظ، تاريخ جو ڄاڻو، جديد نظرين ڪميونزم، سوشلزم  ۽ مارڪسزم سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ته هن لاءِ کاٻي هٿ جو کيل هو، پر هن پنهنجي ان سڄي علم ۽ نظريي کي سنڌ جي عوام کي نئين وسعتن کان آشنا ڪرائڻ ۾ لڳائي ڇڏيو، ملڪ جي وڏين پارٽين ۽ کڙپيل سياستدانن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ آسان نه هو پر رسول بخش پليجو پنهنجي دور ۾ مڃيل سياستدانن جي صف اول ۾ ويٺل نظر ايندو هو، سنڌ جي قوم پرستن جي صف ۾ ته شمار هيو ئي پر هن پاڪستان جي پارلياماني سياست کي ئي پنهنجي سياست جو مرڪز بڻايو، هن پنهنجي خداداد صلاحيتن، چرب زباني، حاضر دماغي، اڻ کٽ عالمي ۽ مقامي معلومات ۽ بلاغت وفصاحت سان سنڌ جي نوجوان کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، اتي هن سنڌ جي عورت کي به اڳين صفن ۾ آڻي بيهاريو. سنڌياڻي تحريڪ جو وجود ۾ اچڻ ۽ عوامي تحريڪ جو هڪ متحرڪ حصو ٿيڻ، سندس وڏو ڪارنامو آهي.

سنڌ جي سياست جا هي روشن چراغ هڪ هڪ ڪري اجهامندا ٿا وڃن پر هنن جي ٻاريل چڻنگ اجهامي ناهي، رسول بخش پليجو دنيا مان ته لڏي ويو پر هن جو فڪر ۽ سوچ ڪيترن ذهنن تائين پهتل آهي، ليڊر جو هليو وڃڻ، دنيا کي خيرباد چوڻ ته اٽل آهي پر سوچ ۽ نظريا قائم رهندا آهن. رسول بخش پليجي جي وڃڻ کان پوءِ هن جي پارٽيءَ جو جهنڊو جيڪو به کڻندو تنهن لاءِ سندس جتيءَ ۾ پير پائڻ سولو نه هوندو پر هن جي سامهون هن جو ڇڏيل فڪر ۽ فلسفو هڪ رهبري ضروري ٿيندي.

اسان رسول بخش پليجي صاحب جي خيالن سان متفق هجون يا نه، سندس سياسي نظريي سان يڪراءِ هجون يا نه پر هن جي ڏاهپ، سياسي سمجهه، تخليقي سگهه، تقرير جي فن، ادب جي مختلف صنفن جي ڄاڻ جي حوالي سان به ڪو هن جي دانشوراڻي قد سان اختلاف نه ڪري سگهندو. اڄ هن هلندڙ سال ۾ ڄام ساقي کان پوءِ سنڌ وري پنهنجي هڪ نامور سپوت کان محروم ٿي وئي، ان جو تڏو سڄي سنڌ وڇايو آهي، وري جڏهن ڪو رسول بخش پليجو ڄمي!.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے