25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اڃاري سنڌ ۽ ڪالا باغ ڊيم

عرفان منان

پاڻي ڌرتي ماتا جو کير آھي، جنھن کي جل ۽ آب به سڏيو ويندو آھي، جنھن جي پيئڻ سان اندر جي اساٽ لھي ويندي آھي. سماجن جي اندر پاڻيءَ  جي وڏي اھميت آھي، خاص طور تي زرعي سماج، جنهن جي اندر ان جي ڏاڍي افاديت رھندي پئي اچي. پاڻي زندگي آھي ۽ حياتيءَ جي چٽي علامت آھي. ڇو ته جڏھن ھي جڳ جڙيو ھيو ته، پھريان ساهه واري شيءِ پاڻيءَ مان پيدا ٿي ھئي، ايئن پوءِ آھستي آھستي ننڍا وڏا جيو پاڻي جي اندر پنھنجي واڌ ويجهھ ڪندا رھيا، جنهن کان پوءِ ساھ وارين شين جي ارتقائي سفر جو آغاز ٿيو. انسان جڏھن جھنگ جي حياتيءَ مان بيزار ٿيو ته، ھن پاڻيءَ جي تلاش ڪئي. جتي به کيس پاڻيءَ جا آثار نظر آيا اتي ھن پنھنجو بسيرو ڪيو. چوڻ جو مقصد ته زندهه رھڻ جي لئه پاڻي جو ھجڻ انتھائي ضروري آھي. ھر ساهه وارو پوءِ اھو انسان ھجي، حيوان ھجي، جانور ھجي يا جيت جڻيو ھجي، سڀئي پاڻي جي ڪري ئي جيئرا آھن. پاڻي ھر شيءِ جي اڃ ۽ اساٽ اجھائي ٿو.

سنڌ ھڪ زرعي خطو آھي جيڪو صدين کان وٺي پاڻي جي وسيلي سرسبز ۽ آباد رھندو پيو اچي. ھتان جي باشندن جي80 سيڪڙو رھڻي ڪھڻي زراعت تي آھي. سرءُ يا ربيع جا سڀئي فصل پاڻي تي دارو مدار رکن ٿا جيترو پاڻي وڌيڪ ھوندو ايترو ئي زراعت کي ھٿي ملندي. ھن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ آھي. سارين جي ٻيجاري جي مند مٿان آھي، پر ھن وقت تائين پاڻي جي ھڪ لپ به شاخن ۾ نه آھي. شاخن جي پيٽ ۾ واري ئي واري اڏامي رھي آھي، اھڙيءَ صورتحال سنڌ جي ھاريءَ جو ھيانءُ ڏاري ڇڏيو آھي، ڇو ته ان جي روزگار جو دارو مدار واحد پوکي تي آھي. پوک ٿيندي ته ان جي گھر ۾ چار داڻا ايندا ۽ چار سج ھو سکيو ٽڪر کائيندو. پاڻي جي کوٽ سبب فصل نه ٿيندا، فصلن جي نه ٿيڻ ڪري سنڌي قوم جو وڏو معاشي قتل ٿيندو.

هڪ طرف پاڻي جي اھڙي کوٽ سبب سڄي  سنڌ وڏي اساٽ ۾ آھي، ته ٻئي طرف ڪالا باغ ڊيم جي مئل مردي ۾ ساھ وجھڻ جا سانڀاھا ڪيا پيا وڃن، جيڪا ڳالھ خاص ڪري سنڌي ماڻھن کي چيڙائي ٿي وجھي، ڪالاباغ ڊيم سنڌ لئه قاتل زھر آھي. اھو ڊيم ھڪ اھڙو زھريلو نانگ آھي، جنھن جي ڪکجڻ کان پوءِ سنڌو درياھ جو پيٽ سڪي ويندو ۽ جڏھن درياهه ئي نه رھيو ته پوءِ سمجھو ته سنڌ کي به وڏو خطرو آھي، دنيا جي تاريخ ۾ درياھن جي انوکي اھميت رھي آھي درياھن جي ڪنارن تي ڪيترن ئي تھذيبن جنم ورتو آھي، انھن جي آب سان ڪيئي بنجر زمينون آباد ٿيون آھن. سنڌو درياھ جي به دنيا ۾ منفرد ۽ معني خيز حيثيت رھي آھي. تاريخ جي ڪتابن ۾ اھا ڳالهھ چٽن لفظن ۾ تحرير ٿيل آھي ته، ھن ئي درياھ جي ڪپن تي ويد لکيا ويا. ھن درياھ جي پاڻي جي پوڄا ڪئي وئي. ھن ئي درياھ جي جل ۾ شنان ڪري گناھن جي معافي ورتي وئي. ھن ئي درياھ کي شينھن درياھ ۽ درياھ ديوتا جي لقبن سان ڪوٺيو ويو. سنڌو درياھ سنڌي قوم جي جياپي جو واحد وسيلو آھي. سنڌو جي وھڪرن ۽ لڙاٽي پاڻي ۾ سنڌي قوم جي جيئاپي جا آثار نظر ايندا آھن. سنڌو جي آب سان سڪل زمين جو جو پيٽ سائو ٿيندو آھي. سنڌو جو پاڻي سنڌي قوم جي لئه آب ڪوثر آھي. سنڌو ندي اسان جي لئه وڏي اھميت رکندڙ آھي، جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ٺھي ويو ته سڄي سنڌ پاڻي جي ھڪ ڦڙي لئه به سڪندي. سنڌ جي زراعت مڪمل تباھ ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي اھا سونھن به برقرار نه رھندي، جنهن تي دنيا کي ناز آهي. تنھن ڪري سنڌي قوم کي سنڌو نديءَ جي مٿان ڊيم اڏڻ تي سخت اعتراض آھن.

جيڪڏھن اسين ٿورو پوئتي وينداسين ۽ سنڌ جي ويجھي تاريخ جا ورق ورائي ڏسنداسين ته، اسان کي خبر پوندي ته، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف سنڌي قوم تمام منظم جدوجھدون ڪيون آھن. 90 جي ڏھاڪي ۾ جڏھن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو اعلان ڪيو ويو ته، سڀ کان اول ان جي مخالفت عوامي تحريڪ ئي ڪئي ھئي. ان منصوبي خلاف رسول بخش پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيو ويو، جنهن لانگ مارچ ۾ سنڌياڻين جو وڏو انگ به شامل ھيو ۽ سندن ڪڇن تي کير پياڪ ٻار کنيل ھيا ۽ اھي اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي ڊيم جي مخالفت ڪري رھيون ھيون. پليجي صاحب پنھنجي ڪتاب پاڻي ڪيس ۾ وڏن دليلن  ۽ مثالن سان اھا ڳالھ ثابت ڪئي آھي ته، گذريل ڏيڊ صدي کان پنجاب سنڌ جو پاڻي غير قانوني چوري ڪندو پيو اچي، جنھن جي ڪري سنڌ جي زراعت جو وڏو نقصان ٿيو آھي. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف عوامي تحريڪ ھڪ وڏو پمفليٽ ڇپرايو هو، جنھن ۾ ڪالاباغ ڊيم جي شڪل ھڪ ازدها نانگ وانگي ڏيکاريل ھئي، ۽ ان نانگ جي ڳچيءَ ۾  ھڪ ھٿ ھيو، جنھن تي لکيل ھيو ته، سنڌي قوم جو اتحاد. حاصل مقصد ته ماضي ۾ وڏي سنجيدگي سان ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف سياسي ھلچل ھلائي وئي آھي. ان کان سواءِ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف ڪمون شھيد وٽ ھڪ تاريخي ڌرڻو پڻ ھنيو ويو ھيو، جنھن ۾ بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجي، بشير قريشي قادر مگسي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي ھئي، جنھن ڏينھن ڪمون شھيد وٽ ڌرڻو ھنيو ويو ھيو ته ان ڏينھن تي تڏھوڪي سرحد صوبي ھاڻوڪي ڪي پي ڪي ۾ اي اين پي پاران ھزارين ماڻھن ڌرڻو ھڻي ڊيم جي مخالفت ڪئي، ۽ ساڳئي ڏينھن تي بلوچستان ۾ به ڌرڻو ھڻي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو ويو. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اھا به آھي ته ڪالاباغ ڊيم کي نه صرف پاڻي جا وڏا ماھر رد ڪري چڪا آھن، پر ملڪ جي ٽن اسميبلن به ان کي مڪمل رد ڪيو آھي. ھڪ دفعي ته سنڌ پرست عالم شھيد خالد محمود سومري اسيمبلي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺھراءُ پاس ڪرايو ۽ چيائين ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو مڪو ۽ مدينو به رکو ته به سنڌي قوم ان کي قبول نه ڪندي، ۽ خالد محمود سومري شرعي نقطي نگاھ کان به ان کي غير قانوني قرار ڏنو. ھن ملڪ جي وڏن وڏن مذھبي عالمن کان ڪالاباغ ڊيم خلاف فتوائون به ڏياريون. اسان کي اھا خبر نٿي پئي ته ايترن سارن مخالفن کان پوءِ به وفاقي سرڪار آخر ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو ضد ڇو ڪري رھي آھي. ھر حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لئه پئسا رکيا ويندا آھن، پوءِ اھا حڪومت پ پ پ جي ھجي يا ن ليگ جي ھجي. مشرف به پنھنجي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو اعلان ڪيو ھيو، پر سنڌي قوم جي سخت احتجاج ۽ اعتراض سبب ھو ان ڳالھ تان ھٿ کڻي ويو. ڊيمن جي ضرورت تڏھن پوندي آھي جڏھن پاڻي جو وڏو

زخيرو موجود ھجي يا پاڻي استعمال ڪرڻ کان پوءِ واڌارو بچي، تڏھن ئي ڊيم ٺاھڻ جو جواز پيدا ٿي سگھي ٿو. پر ھن وقت سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي اڻاٺ آھي خاص طور تي سنڌ ۾ ته سدائين پاڻي جي وڏي کوٽ رھي آھي. سنڌ جي پڇڙي تائين پاڻي نٿو پھچي جنھن جي ڪري ھزارين ايڪڙ زمين پوکي کان محروم رھندي پئي اچي ته پوءِ آخر ڪار ھن وقت ان ڪاريھر ڊيم ٺاھڻ جي ڀلا ضرورت به ڪھڙي آھي. ھن وقت به ان ڊيم خلاف سخت ردعمل سامھون اچي چڪو آھي. سنڌ دوست ڌريون ان خلاف سراپا احتجاج بڻجي چڪيون آھن. ڪي پي ڪي ۾ به ردعمل جاري آھي. اسفند يار ولي جو سخت موقف ميڊيا تي اچي چڪو آھي. بلوچستان به ماضيءَ جيان ڊيم جي مخالفت ڪري رھيو آھي، پر وڏي تعجب جي ڳالھ آھي ته ھڪ صوبي کي راضي رکڻ لئه ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لئه ماحول سازگار بنايو پيو وڃي. ڇا به ھجي. ڪئين به ھجي، پر سنڌي قوم کي ڪالاباغ ڊيم ھرگز قبول نه آھي.

تنھنجو شيطان ٿو ڪوثر تي ٻڌي بند خدا،

منھنجو  فردوس   بيابان  ببر  ٿي  ويندو.

سنڌ آ ساھ، بنا ساھ جي جي  نه  سگھبو،

منھنجا محبوب سواءِ تنھنجي به گذر ٿيي ويندو.

سنڌ ھن وقت وڏي پياسي آھي. سنڌ جو اڄوڪو ڏيک ان مڇيءَ وانگي آھي، جيڪا پاڻي کان سواءِ پئي ڦٿڪندي آھي. سنڌ جي سيني ۾ وڏي اساٽ آھي، ايڏي اساٽ جنھن لئه ڀٽ ڌڻي چيو آھي ته( سمنڊ منھن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي).

سنڌ ته سرسبز ۽ شاداب ھئي، سنڌ ته جنت جو روپ ھئي. سنڌ ته ان وينگس وانگيان ھئي، جيڪا ڪڏھن به جھور نه ٿيندي آھي، جيڪا ازل کان ابد تائين ڦوھ جوڀن ۾ ھوندي آھي. سنڌ ته ڪل جڳ ۾ سندر، سھڻي، من مھڻي ۽ جميل ھئي. سنڌو ندي سنڌ جو اهڙو ارھ آھي، جنھن مان کير جون ڪيئي ڌارائون وھي ھلن ٿيون. سنڌ جي ان پاڪ پويتر مقدس ڇاتين کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي اصلي چھري کي ته اڳ ۾ ئي ڪوجھو بنايو ويو آھي، اڃان به ان کي بگاڙيو وڃي پيو. گذريل ڏيڍ صديءَ کان سندو نديءَ جي جل تي راتاھو لڳل آھي. سنڌ کي ان جو حساب ڏيڻ بجاءِ باقي رھيل پاڻي تي به وڏي ڏاڍ مڙسي سان ڌاڙو جاري ساري آھي ۽ مٿان وري ڊيم ٺاھڻ جي به تياري ٿي رھي آھي.

پياسي سنڌ پنھنجي حصي جو پاڻي گھري رھي آھي. ان کي پنھنجو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ پياسي ۽ تاسي آھي ان جي اڃ اجھائي وڃي. سڄي سنڌ خشڪ ساليءَ جي لپيٽ ۾ آھي ۽ سنڌ جي ڌرتتي ڌرتي آب لئه آتي آھي. سنڌ پاڻي پاڻي پڪاري رھي آھي، خدارا ان کي سڏ ۾ سڏ ڏيو! ان جو سڏ ورنايو! سنڌ جو ڳلو خشڪ ٿي ويو آھي، اھا ڪو به ڊيم نٿي گھري! سنڌ ته پاڻي ئي پاڻي طلبي رھي آھي.

تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، هن وقت سڀئي گڏجي سنڌ جي پاڻي تي مستقبل ۾ لڳندڙ ڌاڙن خلاف سڀ ويڇا وساري ھڪ ٿي آواز بلند ڪيون.

خشڪ ڳلي مان چيخ اچي ٿي،

ان  کي  ڪا   ته   وراڻي   ڏيو.

او پياسي سنڌ  کي  پاڻي  ڏيو،

او پياسي سنڌ  کي  پاڻي  ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے