22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪالا باغ ڊيم: آخري فتح سنڌ جي ٿيندي

 زرار پيرزادو

  • ملڪي عدالتن جي تاريخ ”نظريئه ضرورت“ تحت فيصلا ڏيڻ ۽ آمريتي حڪمرانن جو ڀرجهلو بڻجڻ سبب جيئن ته ڪڏهن به جمهوريت، عوام ۽ ننڍن صوبن جو اعتماد ماڻي نه سگهيون آهن.تنهن ڪري ڪالا باغ ڊيم جهڙن معاملن کي ”عدالت“ ۾ موڪلڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي.
  • پر هاڻي جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي هڪ حاميءَ معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آندو آهي ته چيف جسٽس صاحب پاڻ ئي ان جو ”وڏو حامي“ ٿي ڪيس ٻڌي رهيو آهي.
  • ڪالاباغ ڊيم تي ”اتفاق راءِ“ تي ”زور“ ڏنو ويندو آهي، جيڪي ڌريون اتفاق راءِ تي زور ڏينديون آهن تن جي مراد اها هوندي آهي ته ٽي صوبا سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان پنهنجي موقف تان هٿ کڻي ”پنجاب“ جي مفاد ۾ اتفاق ڪن.
  • جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جو زميوار ئي پنجاب صوبو آهي جنهن هر دور ۾ پاڻي جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري ننڍن صوبن جي حقن کي پئي پائمال ڪيو آهي.
  • پاڻي جي ورڇ ۾ اصل انصاف تڏهن ٿيندو جڏهن درياهن جي عالمي قانون موجب پاڻي جي آخري فيصلي جو حق درياهه جي پڇاڙ واري صوبي کي ڏنو وڃي ۽ اهو صوبو آهي ”سنڌ“.
  • پاڻيءَ جو آخري وڏو معاهدو 1991ع ۾ ٿيو هو، جنهن تحت سنڌ ۾ ڪوٽڙي بئراج هيٺان گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر عملي طور صرف 2 ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي بئراج هيٺان وهي رهيو آهي.
  • جنهن سبب سنڌو ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي ۽ سمنڊ جو پاڻي جنهن کي پنهنجي مقرر جاءِ تي هجڻ لاءِ سنڌ کي اصولي طور تي 50 ايم اي ايف پاڻي ملڻ گهرجي.
  • 1960ع ۾ جڏهن جنرل ايوب خان پنجاب جي ٽن درياهن ستلج، چناب ۽ راوي جو پاڻي ڀارت کي وڪرو ڪيو هيو ته تڏهن به اهو ئي چيو ويو هو ته پنجاب جي جر ۾ جهجو پاڻي آهي سو سنڌ جي حصي مان ڪٽوتي نه ڪئي ويندي.
  • پر اڳتي هلي مٿانهين تي هجڻ ڪري پنجاب سنڌ جو 50 ايم اي ايف پاڻي روڪي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ باقاعدي پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جو دور شروع ٿيو، جنهن جو زميوار پنجاب آهي.
  • انگريزن جي دور ۾ جڏهن پنجاب ”گريٽر ٿل ڪئنال“ ٺاهڻ جي اجازت پئي گهري ته انگريز سرڪار اهو چئي اهو منصوبو رد ڪيو هيو ته ان سان پنجاب جي رڳو 15 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي جڏهن ته سنڌ جي 40 لک ايڪڙ آباد زمين غيرآباد ٿي ويندي پر جنرل مشرف پنهنجي دور ۾ پنهنجي طاقت جي زور تي نيٺ ٿل ڪئنال ٺاهي ڇڏيو.
  • جڏهن ته انڊس ڊيلٽا کي تباهي کان بچائڻ ۽ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ کي 50 ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ جي ضرورت آهي پر ان الميي تي ڇا چئجي ته سمنڊ کي اڳتي اچڻ کان روڪڻ لاءِ گهربل پاڻي به نٿو ملي ۽ مٿان وري دعويٰ ٿي ڪئي وڃي ته پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿي رهيو آهي.
  • سمنڊ ۾ درياهه جو ڇوڙ ڪرڻ پاڻي جو ذيان نه پر درياهن جو جياپو هوندو آهي جيڪو سنڌو درياهه کان کسيو پيو وڃي. حقيقت ته اها آهي ته سمنڊ ۾ درياهه جو ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ اڳتي وڌي سنڌ جون 25 لک ايڪڙ آباد زمينون کاريون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌي ئي رهيو آهي.
  • اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته پاڪستان حڪومت جي ڀارت جي بلغيار ڊيم بابت اها ئي پاليسي آهي جيڪا سنڌ جي ڪالاباغ ڊيم بابت آهي.
  • پاڪستان جو موقف آهي ته ڀارت جيئن ته مٿانهين تي آهي سو جيڪڏهن بلغيار ڊيم ٺاهيندو ته پوڇڙ ۾ پاڪستان کي پوءِ پاڻي نه ملندو، تنهن ڪري اهو بلغيار ڊيم جي خلاف آهي.
  • پاڪستان جي اها پاليسي اصل ۾ ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ جي موقف جي اخلاقي فتح آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته پنجاب ان جو اعتراف نٿو ڪري.
  • سو اصولي طور تي پاڻي توڙي ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ جو موقف اصولي به آهي، آئيني ۽ قانوني به آهي ته سگهارو به آهي پر هتي جيئن ته آئين، قانون ۽ انصاف جي عملداري ناهي ان ڪري ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جي ڪار آهي.
  • پنجاب جو ڪردار پاڻي جي ڪيس ۾ ”هڪ چوري ٻي سينا زوري“ وارو رهيو آهي، تنهن ڪري هتي انصاف گهرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊيم تي اهو ڪيس تڏهن ٻڌي رهي آهي جڏهن ڪالاباغ ڊيم جو سڀ کان وڏو مخالف جنهن ڪالاباغ ڊيم کي ”ڪارو نانگ“ چيو هيو سو سنڌ جو عظيم وڪيل رسول بخش پليجو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر درياهن جو قانون شاهد آهي ته ڪالاباغ ڊيم تي آخري فتح سنڌ جي ئي ٿيندي، جنهن تي پهرين مرحلي ۾ بلغيار ڊيم تي ان کي اخلاقي فتح ملي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے