22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: ڪوٽڙي : کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ يوٿ الائينس جي بک هڙتال

Kotri: The Youth Alliance Hunger Strike for the Liberation of Cambodiansسنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءِ مختلف شهرن ۾احتجاج جو سلسلو جاري آهي، سندن وارث ۽ سياسي سماجي  اڳواڻ لڳاتار سراپا احتجاج بڻيل آهن.

کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي اڳواڻن، اديبن، صحافين، استادن ۽ شاگردن سميت کنڀيل پورهيت جي آزاديءَ لاءِ ڪوٽڙي ۾يوٿ الائينس پاران بک هڙتال ڪئي وئي.

شهر جي المدينا چوڪ تي رحمان مڱريو، شمشاد ميڻو، جاني پنهور، فرحان مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو.

بک هڙتالي ڪئمپ ۾سنڌو امان چانڊيو، تنوير آريجو، سسئي لوهار، نيلم آريجو، فوزيا آريجو، پنهل ساريو، ثنا الله امان، سورٺ لوهار، عبدالفتاح چني، سارنگ جويو، جي ايم خاصخيلي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

ڪئمپ تي موجود اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾قانون جي لتاڙ ٿي رهي آهي، سندن پيارا بيگناهه کنڀي گم ڪيا ويا آهن….ايس او ٽي….

گم ڪيل ماڻهن جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ته شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي پر سرڪار اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائڻ ۾ناڪام ٿي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته جيڪڏھن اسان جا پيارا گنهگار آهن ته مٿن ڪيس داخل ڪري کين عدالتن ۾پيش ڪيو وڃي.

گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سندن پيارن کي عيد کان اڳ آزاد نه ڪيو ويو ته هو عيد کانپوءِ وڌيڪ سگهاري تحريڪ هلائيندا، جيڪا گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ تائين جاري رهندي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

NAB, ISPR, Karachi, Kandhkot

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*ڀارت جي ڌمڪين  جو پاڪ فوج جواب  ڏئي ڇڏيو، جنگ لاءِ تيارآهيون: پاڪ فوج ترجمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے