21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فيفا جي تازي رينڪنگ ۾ عالمي ڪپ جي ميزبان روس جو 70هون نمبر

زيورخ (اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا ورلڊ ڪپ کان اڳ نئين عالمي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت چيمپيئن ٽيم جرمني ساڳي پهرين نمبر تي موجود آهي پر ورلڊ ڪپ جي ميزبان ٽيم روس هلندڙ هفتي کان شروع ٿيندڙ عالمي ڪپ ۾ لوئسٽ ريڪنڊ ٽيم طور ايونٽ جي شروعات ڪندي. رينڪنگ موجب شروعاتي 7 پوزيشنز ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. عالمي چيمپيئن جرمني جو پهريون، برازيل جو ٻيو، بيلجيئم جو ٽيون، پرتگال جو چوٿون، ارجنٽينا جو پنجون، سوئٽزرلينڊ جو ڇهون ۽ فرانس جو ستون نمبر آهي. ٻين ٽيمن ۾ پولينڊ ٻه درجا ترقي ڪندي اٺين پوزيشن تي اچي وئي آهي ۽ اڳوڻي چيمپيئن اسپين جي ٽيم ٻه درجا پوئتي ٿيندي ڏهين نمبر تي هلي وئي آهي. انگلينڊ هڪ ۽ يوراگوئي 3 درجا ترقي ڪندي ترتيب وار 12هين ۽ 14هين نمبر تي موجود آهن. هالينڊ جي ٽيم ٻه درجا ترقي سان 17هين نمبر تي پهتي آهي. ويلز جي ٽيم 3 درجا ترقي ماڻيندي 18هين پوزيشن تي قبضو ڄمايو آهي. ڪروشيا 2 ۽ تيونس جي ٽيم هڪ درجو پوئتي ٿيندي ٽاپ 20 کان ٻاهر ٿي ويون آهن، جڏهن ته عالمي ڪپ جي ميزباني ڪندڙ ملڪ روس جي ٽيم 4 درجا پوئتي ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ هوءَ 70هين نمبر تي پهچي وئي آهي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان لوئسٽ ٽيم طور ايونٽ کيڏندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے