22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: عوامي آواز ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر شبير ڀٽي کي مڪلي جي ايس ايڇ او پاران ڌمڪيون، احتجاج

Thatta: Death threats from SHO makli to the district reporter of Awami Awaz Shabir Bhattiسنڌ جا صحافي غير محفوظ هجڻ سميت ڪيترن ئي ظلمن جو شڪار آهن. مڪلي پوليس، آءِ جي سنڌ توڙي سرڪار پاران ڪيل پوليس رويا بهتر ٿيڻ واري دعويٰ ڌوڙ ڪري ڇڏي آهي.

گرمي توڙي سردي ڏنهن هجي يا رات صحافي سچ کي عوام ۽ وس وارين ڌرين اڳيان نروار ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندا رهن ٿا جنهن جي موٽ ۾کين ڪيتريون ئي تڪليفون پڻ ڀوڳڻيون پون ٿيون.

مڪلي پوليس جي صوبيدار شڪيل شورو 50 رپين جو ايزي لوڊ مفت ۾نه ڏيڻ تان نبيل ميمڻ ۽ نواز جوکيو کي لاڪ اپ ڪري کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

اطلاع ملڻ تي عوامي آواز ضلعي ٺٽي جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر ڪوريج لاءِ ساٿين سميت مڪلي ٿاڻي تي پهتو ته نوجوان 50 رپين جو ايزي لوڊ مفت نه ڏيڻ تان تشدد جون دانهون ڪيون.

صحافي پاران دڪاندار کان مفت ايزي گهرندڙ اهلڪار خلاف ڪارروائي جو ڪرڻ جو چوڻ تي ايس ايڇ او مڪلي سينيئر صحافي تي ڏمرجي پيو ۽ ساڻس بدتميزي ڪندي کيس سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

پوليس پٽي ڀائي کي بچائڻ لاءِ ايزي لوڊ جي دڪان مان ھڪ سو جي اين ڊي جون پوڙيون ڏيکاري نوجوان نبيل ميمڻ تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنهن کي بعد ۾ وڪيل منور ڀٽو شخصي ضمانت تي آزاد ڪرايو.

سينيئر صحافي کي مڪلي جي ايس ايڇ او پاران مليل ڌمڪين خلاف صحافي سراپا احتجاج بڻيل آهن.

واقعي خلاف ٽنڊي حيدر ۾قلم ڌڻين محمد عرس خاصخيلي، آصف کوسو، اسد خانزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته شيخ ڀرڪيو ۾ قلم ڌڻين ايڊووڪيٽ عباس ٿهيم، جي ايم ڪاتيار، جان محمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

هوڏانهن عوامي آواز جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ناصر خٽڪ سينيئر صحافي شبير ڀٽي کي مليل ڌمڪين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آزاد صحافت تي وار برداشت نه ڪيو ويندو.

ناصر خٽڪ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران صحافي سان ڪيل زيادتي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Sukkur: Nawab Shah, Your favorite marriage partner was pressed to press Press Club

نيوز : سکر:نواب شاھه واسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي ويو

سکر ۾ نواب شاھ واسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو  تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے