19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ پرويز مشرف جومقابلو فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال سان ٿيندو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف اين اي 247 ڪراچي تان به نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري ورتا آهن.  اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڪراچي جي تڪ اين اي 247 صدر۽ آرام باغ تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا آهن. قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پرويز مشرف جو مقابلو ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار، تحريڪ انصاف جي عارف علوي، پاڪ سرزمين پارٽي جي مصطفيٰ ڪمال، جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان ۽ پ پ جي عزيز ميمڻ سان ٿيندو. اين اي 247 ڪراچي ڏکڻ مان پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا ويا آهن ۽ نامزدگي ڪاغذ صحيح ڪرڻ لاءِ دبئي روانا ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي تاحيات نااهلي ختم ڪري کيس عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس ڏيهه واپسي تي پرويز مشرف کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي. اڳوڻو صدر پرويز مشرف آئين ٽوڙڻ ۽ بينظير ڀٽو قتل ڪيس سميت چئن ڪيسن ۾ روپوش قرار ڏنل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ: اليڪشن ڪميشن چئني صوبن جي مقامي حڪومتن جي سيڪريٽرين کي طلب ڪري ورتو

 اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )  اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊن لاءِ انتظامن کي قطعي شڪل ڏيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے