25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ اشتهاري ڀتيون ڪيرائڻ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾اشتهاري ڀتين کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏيندي مستقبل ۾ اشتهاري مقصدن لاءِ ڀتيون اڏڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ اشتهاري ڀتيون ٺاهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سڄي شهر خاص ڪري ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ ڀتيون ڊاهيون پيون وڃن، ايف ٽي سي سامهون ڀت ٺاهي شهر جي خوبصورت کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هر هنڌ اهڙيون ڀتيون ٺاهيون پيون وڃن. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران چيو ته ڪراچي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي سي اي او کي طلب ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن ڀتيون ٺاهيون آهن.  سي اي او ڪراچي ڪنٽونمينٽ عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه ڀتيون دفاعي مقصدن لاءِ ٺاهيون ويون آهن پر ڪنٽونمينٽ اشتهاري ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته نوٽيس سان ڪجهه نه ٿيندو ڪارروائي ڪئي وڃي.  سپريم ڪورٽ شارع فيصل سميت سمورن روڊن تان اشتهاري ڀتين کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ان حوالي سان 10 ڏينن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي. عدالت اڳتي اشتهاري مقصدن لاءِ ڀتيون ٺاهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے