23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه: امڪاني دهشت گردي کي روڪڻ لاءِ ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس ۾ اجلاس

Bhit shah: Convention in Bhit shah to decrease terrorism *ڀٽ شاهه ۾ درگاهه حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي  ۾   امڪاني دهشت گردي روڪڻ لاءِ ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس ۾ رينجرس جي ميجر  بلال جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو .

اجلاس ۾  ڊپٽي ڪمشنر قمر رضا بلوچ،  ايس ايس پي مٽياري سيد امداد  علي شاهه ، مينيجر اوقاف جميل احمد انصاري،  ڊي ايس پي اختر احمد قريشي ، ڊي ايس پي سيڪيورٽي الطاف حسين آرائين ،مختيار ڪار خالد احمد رند سميت  ٻين عملدارن شرڪت ڪئي .

درگاهه ڀٽائي تي سيڪيورٽي انتظامن  بابت ايس ايس پي سيد امداد علي شاهه رينجرس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته عبدالله شاهه غازي، شاهه نوراني ،قلندر جي درگاهه تي ٿيل دهشتگردي واقعن ۽  درگاهه شاهه ڀٽائي تي ڏنل ڌمڪين بعد اوقاف کاتي پاران ڪيل سيڪيورٽي مان مطعمن نه آهيون.

هن چيو تھ   اوقاف کاتي جا عملدار سيڪيورٽي جي انتظامن بابت سنجيدا ناهن.

 هن چيو ته بار بار اوقاف کاتي کي هدايتون ڏيڻ بعد هن وقت تائين ڪو به ڪم نه ٿيو آهي ، هن وقت تائين گهربل واڪ ٿروع گيٽ ،اسڪيننگ مشين، سي سي ٽي وي ڪيمرا ۽ سيڪيورٽي لاءِ سيڪيورٽي گارڊ ڀرتي ڪرڻ لاءِ چوڻ باوجود انهن تي عمل نه ٿيو  آهي.

رينجرس جي ميجر  بلال ۽ ايس ايس پي مٽياري چيوته سيڪيورٽي انتظامن جي لاپرواهي برداشت جوڳي ناهي جيڪي هدايتون جاري ڪيون انهن تي  عمل ناهي ٿيو.

هنن چيو ته سيڪيورٽي انتظامن جي  لاپرواهي سبب ڪو به واقعو پيش آيو ته ان جو ذميوار اوقاف کاتو هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuhra

نيوز | کهڙا: تاريخي کٽ جو ماتمي جلوس برآمد، يا حسين جون صدائون

کهڙا ۾  رينجرز ۽ پوليس جي سخت سيڪيورٽي هيٺ تاريخي کٽ جو ماتمي جلوس برآمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے