20 خميس , سيپٽمبر 2018

آمريڪا افغان امن عمل ۾ پاڪستان کان مدد طلب ڪري ورتي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا افغان امن عمل ۾ پاڪستان کان مدد طلب ڪري ورتي آهي، آمريڪي صدر جي نائب مددگار ليزا ڪرٽس جو چوڻ آهي ته امن ڳالهين ۾ پاڪستان جو سهڪار ضروري آهي. آمريڪا خطي ۾ پاڪستان جي اهميت هڪ دفعو ٻيهر تسليم ڪري ورتي آهي ۽ افغانستان ۾ امن ڳالهين لاءِ پاڪستان کان مدد طلب ڪئي آهي. آمريڪي صدر جي نائب مددگار ليزا ڪرٽس چيو ته اسان طالبان سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر اهو پاڪستان جي سهڪار کانسواءِ ممڪن ناهي. هن چيو ته امن عمل ۾ پاڪستان جي مفادن جو خيال رکڻو پوندو.  هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي خدشن جو خيال رکڻو پوندو، آمريڪا ڳالهين جي عمل ۾ شامل هوندو پر افغانستان جي حڪومت جي نمائندگي نه ڪندو، افعانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪوششن کي اڳتي وڌايو پيو وڃي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے