25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

مريم نواز ڊاڪٽر ياسمين راشد سان مقابلي کان انڪار ڪري ڇڏيو

Maryam received nomination forms from NH-125's NHLلاهور ( ويب ڊيسڪ ) شڪست جي خوف سبب مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز لاهور جي اين اي 125 تي ڊاڪٽر ياسمين راشد سامهون چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، هاڻي اين اي 127 تي چونڊ وڙهندي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن طرفان ڳجهي سروي ڪئي وئي جنهن مان اها ڳالهه سامهون آئي ته مريم نواز  اين اي 125 تي ڊاڪٽر ياسمين راشد جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي تنهن ڪري کيس تڪ تبديل ڪرڻ گهرجي.  مريم نواز سياڻپ جو مظاهرو ڪندي پنهنجو چونڊ تڪ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز هاڻي اين اي 127 تان چونڊ وڙهندي. اين اي 125 تي ڊاڪٽر ياسمين راشد جو مقابلو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ٿيندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ شيري مزاري جو چوڻ آهي ته ياسمين راشد مريم نواز کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب هو ياسمين راشد سان مقابلو نه ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Contact with 5 teams of fabrics by match fixing: ICC Enclosure

مئچ فڪسرن طرفان 5 ٽيمن جي ڪپتانن سان رابطو: آءِ سي سي جو انڪشاف

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے