24 سومر , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ وي آءِ پيز کان غير ضروري سڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم برقرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سڄي سنڌ ۾ سمورن وي آءِ پيز کان غير ضروري سڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ وي آءِ پيز کان اضافي سڪيورٽي واپس وٺڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي چيو ته 4 هزار ماڻهن کي سڪيورٽي ڏني وئي آهي؟ خواجه صاحب خدا جو خوف ڪيو. آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سمورن وي آءِ پيز کان اضافي سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، سڪيورٽي مختلف ماڻهن کي ڏني وئي آهي جن کي قانون اجازت ڏئي ٿو.  چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ڪنهن به اهڙي شخص کي سڪيورٽي نه ڏني وڃي جنهن کي قانون اجازت نه ٿو ڏي. عدالت سمورن وي آءِ پيز کان غير ضروري سڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته جن جي حياتي کي خطرو آهي تن کي صوبائي حڪومت سڪيورٽي ڏني آهي ۽ اهڙن ماڻهن جي لسٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، هاڻي جنهن کي سڪيورٽي گهرجي اهو صوبائي حڪومت سان رابطو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته رائو انوار کي اسان ڪابه سڪيورٽي نه ڏني آهي ۽ صوبائي حڪومت  سندس گهر کي سب جيل قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے