25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي نواز شريف ۽ شهباز شريف ۾ اختلاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن عام چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان ٻن مرحلن ۾ ڪندي، جڏهن ته چوڌري نثار کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي معاملي تي نواز شريف ۽ شهباز شريف ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن.  ذريعن ملسم ليگ ن جو تاحيات قائد نواز شريف چوڌري نثار کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي قائم آهي، جڏهن ته ٽڪيٽ ڏيڻ جي حوالي سان تجويز سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن چوڌري نثار طرفان ٽڪيٽ جي درخواست نه آئي ته ٽڪيٽ جاري نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن قيادت طرفان چوڌري نثار جي جاءِ تي درخواست ڏيندڙ کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ تي غور ڪيو ويو جڏهن ته ان حوالي سان پارٽي صدر شهباز شريف ۽ پارٽي جي قائد نواز شريف ۾ اختلاف آهن. ذريعن موجب مسلم ليگ ن طرفان ٻن مرحلن ۾ پارٽي اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو ۽ پهرين مرحلي ۾ 10 جون تي ڪجهه اميدوارن جا نالا سامهون آندا ويندا.  ذريعن موجب 70 سيڪڙو ٽڪيٽ پراڻي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي جاري ڪيون وينديون ۽ ڪجهه پارٽي اڳواڻن خلاف ڪيس سب متبادل اميدوار رکيا ويندا جڏهن ته ڪجهه تڪن تان 3 کان 4 ڪورنگ اميدوار هوندا.  ذريعن موجب شهباز شريف ۽ مريم نواز جي ٽن تڪن تان چونڊ وڙهڻ جي تجويز سامهون آئي آهي جڏهن ته مريم نواز کي ڪراچي مان به چونڊ وڙهائڻ جي تجويز آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے