19 آچر , آگسٽ 2018

ٽن اسيمبلين مان اتفاق راءِ سان رد ٿيل تڪراري منصوبي تي اتفاق ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

انتهائي محترم چيف جسٽس آف پاڪستان جناب جسٽس ميان ثاقب نثار تڪراري ڪالا باغ ڊيم بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريندي چيو آهي ته اهڙي شروعات سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ کان ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ طرفان ملڪ اندر پاڻي کوٽ جي ورتل پاڻ مرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ڪيو آهي، چيف جسٽس صاحب جو چوڻ هو ته دل چوي ٿي ته ڊيم ٺاهڻ ۽ ملڪ جو قرض لاهڻ لاءِ جهولي جهلي وڃي چندو گڏ ڪريان.سندس چوڻ هو ته ڪاش مان پنجابي نه پر سنڌي يا بلوچ هجان ها، اسان کي ڪالا باغ ڊيم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو آهي. چيف جسٽس صاحب سمنڊ ڏانهن ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي کي به ذيان قرار ڏنو آهي، هن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کان سوال ڪيو آهي ته هنن پاڻيءَ  لاءِ ڇا ڪيو.

چيف جسٽس صاحب جو چوڻ آهي ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن ڪالاباغ ڊيم بابت سيمينار ڪرائيندي. عدالت پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن کي عدالت جو مددگار مقرر ڪندي ٻن ٽن ڏينهن ۾ پاڻي پاليسيءَ بابت تجويزون  وٺي مرتب ڪرڻ جو چيو آهي. ٻڌڻي دوران اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو ٻڌندي سنڌ ۽ خيبرپختونخوا  ۾ احتجاج شروع ٿي ويندو آهي، اتفاق راءِ کان سواءِ ڪالاباغ ڊيم ٺهي نه ٿو سگهي.

پاڪستان چئن وحدتن/صوبن تي ٻڌل وفاق جو نالو آهي، جيڪو هڪ آئين تحت هلي ٿو، آئين ڪنهن به ملڪ، تنظيم يا اداري کي هلائڻ جي واٽ هجي ٿو ان واٽ تان ٿڏڻ جي صورت ۾ ملڪ، تنظيمون ۽ ادارا  افراتفري ۽ بحرانن جي ور چڙهي ويندا آهن، آئين ۾ چٽي طرح ڏنل آهي  ته ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي  ۽ ڪير ڪهڙو دنگ پار ڪري سگهي ٿو يا نه؟.

پاڪستان جيئن ته هڪ وفاق آهي ۽ هن لاءِ آئين ۾ پارلياماني جمهوري نظام ئي ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ بهتر نظام سمجهيل ۽ قرار ڏنل آهي، سو ان پارلياماني جمهوري نظام تحت سڀ فيصلا آئيني فورمن تي جمهوري انداز ۾ عوام جي شرڪت سان ٿيڻ گهرجن ۽ عوام جي شرڪت سان ئي ملڪ بهتريءَ ڏانهن وڌي سگهي ٿو، صوبن ۾ هڪ ٻئي تي اعتماد جي جيڪا کوٽ آهي، سا پوري ٿي سگهي ٿي. ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيت مرڪزي سطح تي آئيني فورم آهن، جڏهن ته صوبائي سطح تي صوبائي اسميبليون هن پارلياماني جمهوري نظام جو حصو آهن، انهن اسيمبلين ۾ جيڪا قانون سازي ٿئي ٿي، جيڪي فيصلا ٿين ٿا، سي ان ڪري به عوام جا فيصلا سمجهيا ويندا آهن جو انهن اسيمبلين ۾ عوام جا چونڊيل نمائندا موجود هوندا آهن، جن کي عوام جي مفاد ۾، ملڪ جي ۽ ملڪي وحدتن جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جو آئيني اختيار هوندو آهي، اهڙا فيصلا جيڪي ڪو فرد واحد يا سرڪاري ملازم ڪرڻ جو ڪو اختيار نه ٿو رکي.

سنڌي، پشتون ۽ بلوچ، ڪالاباغ ڊيم کي ”ڪارو نانگ“ سمجهن ٿا، سو ڪالاباغ ڊيم بابت جي ڪير سنڌي، پشتون يا بلوچ ٿئي ٿو ته ان جي سوچ يقيني اهڙي ئي ٿي ويندي جهڙي هڪ سنڌي، بلوچ ۽ پشتون جي هئڻ گهرجي.

ڪالاباغ ڊيم هڪ تڪراري منصوبو آهي، جنهن کي پنجاب کي ڇڏي باقي ٽي صوبا پنهنجي وحدت تي وار جي برابر سمجهن ٿا، اعتزاز احسن صاحب عدالت سڳوريءَ ۾ درست فرمايو آهي ته ڪالاباغ ڊيم اتفاق راءِ کان سواءِ ٺهي نه ٿو سگهي. هن منصوبي کي وري وري  سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جون اسيمبليون اڪثريت نه پر اتفاق راءِ سان رد ڪري چڪيون آهن، يعني پنجاب کي ڇڏي ڪري باقي ٽن صوبن جو عوام يڪراءِ هن منصوبي کي رد ڪري چڪو آهي، رڳو اقليت يعني پنجاب ۽ وفاق ۾ واپڊا جو ادارو ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ آهن، سو اهڙو منصوبو جنهن جي اڪثريت مخالف هجي ۽ اقليت حامي تنهن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مهم جي ڪهڙي ضرورت آهي؟.

عدالتي نظام جو به هڪڙو پنهنجو ڍانچو آهي، جنهن ۾ فيصلو ان کي چيو ۽ مڃيو ويندو آهي، جيڪو اڪثريت ڪري فيصلي تي اختلاقي نوٽ لکندڙ جو سبب اختلافي نوٽ ئي تاريخ جي ورقن جو حصو بڻجي ويندو آهي. مثال طور ڪنهن معاملي تي پنجن ميمبرن واري بينچ مان جي، 3 جج هڪڙي پاسي هوندا ۽ 2 ٻئي پاسي ته فيصلو ٽن ججن جو ايندو ۽ تسليم به ڪيو ويندو، اقليت جي راءِ ۽ سوچ کي فيصلو نه ٿو چئي سگهجي.

سو چوڻ جو مطلب ته ملڪ جون ٽي آئين ساز اسيمبليون، يعني ٽن صوبن جو عوام اتفاق راءِ سان ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي کي رد ڪري چڪو آهي. سو انهن ٽنهي صوبن جي راءِ کي ئي اتان جي عوام جي عدالت جو فيصلو به سمجهڻ گهرجي ته آئيني ادارن جو فيصلو به، باقي جيڪڏهن پنجاب ڊيم جي حق ۾ آهي ته اها اقليت جي راءِ آهي، جيڪا نه ته فيصلو ٿي سگهي ٿي نه ئي وري ان کي اڪثريت تي ٿاڦي ٿو سگهجي. رهي وفاق جي ڳالهه ته ان کي جانبداريءَ جو مظاهرو ڪرڻ بدران سڀني صوبن کي هڪ نظر سان ڏسندي انهن سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي.

ٽن صوبن يعني انهن جي آئيني اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي کي رد ڪيو آهي، سو اهڙو ڪو معاملو ۽ منصوبو جنهن سان قومي وحدت خطري ۾ پئجي وڃي تنهن کي آئيني فورم يعني گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ کڻي وڃڻ گهرجي، نه ڪي عدالتن ۾ ڪيس يا پاڻ مرادو نوٽيس جي صورت ۾ هلائڻ گهرجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي پر ان بحران جو حل صرف ۽ صرف ڪالاباغ ڊيم کي سمجهڻ ڪوتاهه نظري آهي. اهو منصوبو جنهن سان ملڪي وحدت داءَ تي لڳڻ جو خطرو هجي، تنهن کي بهتر ٿيندو ته هميشه هميشه جي لاءِ دفن ڪرڻ گهرجي، رهي منصوبي تي اتفاق راءِ لاءِ مهم هلائڻ جي ڪوشش ته، ان ڏس ۾ ملڪ اندر آمريتن جي دورن ۾ ٿيل اهڙين ڪوششن جي نتيجن کي لازمي طور سامهون رکڻ گهرجي.

ڇنڇر 9 جون  2018 ع، 24 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس گرديءَ جي ورچڙهيل سنڌ

ٽيون ڏينهن وارين اخبارن ۾ پنج کان ست خبرون اهڙيون آهن جن مان عوام ڏانهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے