21 جمعو , سيپٽمبر 2018

خلائي مخلوق سياسي بيان آهي، عام چونڊون شفاف ٿينديون: حسن عسڪري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران وڏي وزير پروفيسر حسن عسڪري چيو آهي ته نه ته منهنجي پهرين کان سياسي ايجنڊا هئي ۽ نه وري هاڻي آهي، جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو هر حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي. مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن عسڪري چيو ته منهنجي بنيادي ذميواري چونڊون شفاف ڪرائڻ آهي جنهن لاءِ امن امان برقرار رکڻ لازمي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت محدود مدي لاءِ هوندي آهي، ڪابينا ننڍي ۽ غير سياسي هوندي. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ ضلعي انتظاميه جو ڪردار اهم هوندو آهي، جڏهن به نئين حڪومت ايندي آهي ته ڪجهه تبديليون ڪيون وينديون آهن،  جيڪڏهن ضرور هوندو ته تبديليون ڪنداسين. پروفيسر حسن عسڪري چيو ته منهنجو ميڊيا سان تعلق هو ۽ رهندو، مان اڄ نه پر 40 سالن کان لکي رهيو آهيان ۽ هر حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي. هن چيو ته خلائي مخلوق سياسي پارٽين جو نظريو آهي، جيڪي پنهنجي مقصد لاءِ ڏينديون آهن، نئين حڪومت ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون وينديون آهن. سندس چوڻ هو ته نگران حڪومتن جو مقصد سمورين سياسي پارٽين کي برابر جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، مان مقرر وقت لاءِ آيو آهيان، نگران حڪومتن جي ڪارڪردگي ڏسي شڪ ۽ شبها ختم ٿي ويندا. پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو ته نگران ڪابينا ننڍي ۽ اڻ ڌري هوندي، منهنجي پهرين سياسي ايجنڊا هئي ۽ نه وري هاڻي آهي، اليڪشن ۾ سهولت لاءِ جيڪا تبديلي هوندي اها ڪئي ويندي. حسن عسڪري چيو ته خلائي مخلوق سياسي بيان آهي، ماڻهو پنهنجي ضرورتن ۽ مفادن لاءِ پيغام ڏيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے